اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته جيلون فوجداري انصاف واري نظام جي حقيقي عڪاسي هونديون آهن ۽ جيل سڌارن لاءِ سڀني ادارن جي گڏيل ذميداريءَ سان صوبائي قيادت جو مؤثر ۽ مسلسل ڪردار اڻٽر آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرنامي موجب هن صوبائي حڪومتن طرفان قومي عدالتي (پاليسي ساز) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جي قومي …
جيل سڌارا گڏيل قومي ذميداري، مؤثر تبديليءَ لاءِ صوبائي قيادت جو ڪردار اڻٽر آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته جيلون فوجداري انصاف واري نظام جي حقيقي عڪاسي هونديون آهن ۽ جيل سڌارن لاءِ سڀني ادارن جي گڏيل ذميداريءَ سان صوبائي قيادت جو مؤثر ۽ مسلسل ڪردار اڻٽر آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرنامي موجب هن صوبائي حڪومتن طرفان قومي عدالتي (پاليسي ساز) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جي قومي جيل سڌارا جاتي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي عزم جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عملي ۽ مربوط سڌارا ئي جيل نظام ۾ پائيدار بهتري آڻي سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي انتظام هيٺ قومي عدالتي (پاليسي ساز) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) تحت سپريم ڪورٽ آڊيٽوريم اسلام آباد ۾ قومي جيل سڌارا ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، عدليه، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، جيل انتظاميه، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انساني حقن جي ادارن ۽ ترقياتي حصيدارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي نمايان خصوصيتن ۾ سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. جنهن متفقه طور قومي جيل سڌارا جاتي ايجنڊا تي مڪمل تعاون ۽ عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن جيلن جي انتظام ۾ بهتري، قيدين جي بحالي ۽ معاشري ۾ ٻيهر انضمام، انساني وقار جي تحفظ ۽ سڌارا جاتي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط تعاون تي زور ڀريو. ڪانفرنس دوران پاڪستان جي جيل نظام کي درپيش چئلينجز، سڌارا جاتي پروگرامن کي مؤثر بنائڻ، ادارن وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ ۽ انساني حقن تي ٻَڌل جيل انتظامي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزن ۽ عملي قدمن تي غور ڪيو ويو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي ڪانفرنس پڌرنامو منظور ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان ۾ جيل سڌارن لاءِ هڪ جامع پاليسي فريم ورڪ ۽ آئينده جو لائحه عمل پيش ڪيو ويو. پڌرناميءَ ۾ سمورن لاڳاپيل ڌُرين سڄي ملڪ ۾ مربوط، مؤثر ۽ پائيدار جيل سڌارن لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.










