راولپنڊي - 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خميس ڏينهن سينيئر اينڪرپرسن بتول راجپوت جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو. وفاقي وزير گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته بتول راجپوت جي والده جي لاڏاڻي تي …
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي سينيئر اينڪرپرسن بتول راجپوت جي گهر آمد، والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
راولپنڊي – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خميس ڏينهن سينيئر اينڪرپرسن بتول راجپوت جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو. وفاقي وزير گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته بتول راجپوت جي والده جي لاڏاڻي تي دلي افسوس آهي، والده جهڙي عظيم هستيءَ جو وڇري وڃڻ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحومه جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر شهباز وڙائچ پڻ اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ هو.










