اسلام آباد - 02 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ 2027ع ۾ ٿيندڙ سارڪ گيمز جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعلى سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪميٽي فيصلو ڪيو ته اسلام آباد ۾ سارڪ گيمز سيڪريٽريٽ فوري طور تي قائم ڪيو وڃي، پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ 2027ع ۾ ٿيندڙ سارڪ گيمز جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعلى سطحي ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ 2027ع ۾ ٿيندڙ سارڪ گيمز جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعلى سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪميٽي فيصلو ڪيو ته اسلام آباد ۾ سارڪ گيمز سيڪريٽريٽ فوري طور تي قائم ڪيو وڃي، پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن جو عمل تيز ڪيو وڃي ۽ ماليات، انفراسٽرڪچر ۽ راندين جي جاين جي نگراني جي لاءِ اهم ذيلي ڪميٽيون جوڙيون وڃن. حڪومت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته 2027ع جون سارڪ گيمز عالمي معيار موجب منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته قومي راندين جي فيڊريشنز کي رانديگرن جي بهترين تياري ۽ تربيت جي لاءِ هر ممڪن تعاون ۽ مڪمل مدد فراهم ڪئي ويندي ته جيئن اهي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ راندين ۽ راندين جي سرگرمين جي فروغ جو پختو عزم ڪيو آهي ۽ ان نوعيت جا عالمي مقابلا دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري، صوبائي ادارن جي اعلى عملدارن، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.










