هڪ قوم، هڪ نظام“ ويزن تحت سڄي ملڪ ۾ اِي پيڊز 2.0 جي لانچنگ جون تياريون مڪمل، گذريل سال دوران اِي پيڊز جي استعمال سان انتظامي خرچن ۾ 20 ارب 52 ڪروڙ رپين جي بچت رڪارڊ

اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ”هڪ قوم، هڪ نظام“ ويزن تحت اِي پاڪستان ايڪوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم يعني اِي پيڊز 2.0 جي لانچنگ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. اهي قدم سرڪاري خريداري جي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، شفافيت ۽ احتسابي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن موجب نظام کي مڪمل طور ڊجيٽل بنائڻ جي وفاقي حڪومت …

اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ”هڪ قوم، هڪ نظام“ ويزن تحت اِي پاڪستان ايڪوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم يعني اِي پيڊز 2.0 جي لانچنگ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. اهي قدم سرڪاري خريداري جي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، شفافيت ۽ احتسابي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن موجب نظام کي مڪمل طور ڊجيٽل بنائڻ جي وفاقي حڪومت جي عزم جو اظهار آهي. اهڙو اظهار پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايم ڊي ٻُڌايو ته اِي پيڊز جو نئون ويزن سرڪاري خريداري ۽ معاهده جاتي نظم و نسق جو هڪ جديد ۽ آسان نظام آهي جنهن کي عالمي معيار ۽ مستقبل جي ڊجيٽل گهرجن موجب اِي پيڊز ٽيم پاڻ تيار ڪيو آهي. هي نظام سپلائرز رجسٽريشن، بينيفيشل اونرشپ جي تصديق، اِي انوائسنگ، ڊجيٽل ادائگين، اِي واڪ جمع ڪرائڻ، نظام تحت واڪن جي جاچ، مختلف ادارن جي گڏيل انضمام، نگراني جي ڊيش بورڊز ۽ مالي منصوبا بندي بهتر بنائڻ لاءِ ڪمٽمينٽ اڪائونٽنگ جهڙيون سهولتون فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اِي پيڊز جو نئون ويزن اصل ۾ اسان جي ”هڪ قوم، هڪ نظام“ جي ويزن جي عملي تعبير آهي جيڪو هڪ اهڙو اڪيلو ۽ گڏيل ڊجيٽل پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو جنهن سان ڪارڪردگي، احتساب ۽ مالياتي نظم و ضبط کي هٿي ملندي، جڏهن ته ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ۾ به نمايان گهٽتائي ايندي. هن ٻُڌايو ته اِي پيڊز جي نئين ويزن جو جاري ٿيڻ پهرين سسٽم جي ڪاميابين جو تسلسل آهي جنهن ذريعي مالي سال 26-2025ع دوران 14 کرب رپين کان وڌيڪ ماليت جي ڏي وٺ مڪمل ٿي، 10 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ادارا ۽ 51 هزار سپلائرز رجسٽرڊ ٿيا، هلندڙ سال فيبروري مهيني کان وفاقي حڪومت ۾ اِي پيڊز جو نئون ويزن لاڳو ڪيو ويو آهي جتي هن وقت تائين 1800 کان وڌيڪ سرڪاري ادارا ۽ 19 هزار سپلائرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، نئين سسٽم ذريعي  7 هزار کان وڌيڪ خريداريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. هن ٻُڌايو ته هي نظام ايف بي آر، نادرا، ايس اي سي پي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، صوبائي روينيو اٿارٽيز ۽ ڊريپ سان مڪمل طور تي ڳنڍيل آهي جڏهن ته نگراني جي سهولت قومي احتساب بيورو ڪمپيٽيشن ڪميشن ۽ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي به فراهم ڪئي وئي آهي. حسنات قريشي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته ملڪ ۾ خريداريءَ جي نظام کي جديد رُخن ۾ اختيار ڪرڻ ۾ وزيراعظم جي گهري دلچسپي شامل رهي ۽ مالي سال 25-2024ع دوران اِي پيڊز جي تيز رفتار لاڳو ڪرڻ سبب خريداريءَ جي انتظامي خرچن ۾ 20 ارب 52 ڪروڙ رپين جي نمايان بچت ممڪن ٿي. ان ۾ خريداري ڪندڙ ادارن لاءِ 17 ارب 18 ڪروڙ رپيا جڏهن ته سپلائرز لاءِ 3 ارب 33 ڪروڙ رپين جي بچت شامل آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري، ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ طريقيڪار کي آسان ۽ اثرائتو بنائڻ ذريعي حاصل ٿي. ايم ڊي پيپرا ٻُڌايو ته روايتي ڪاغذي طريقيڪار بدران اِي پيڊز جي استعمال سان خريدارين جي ڪانٽريڪٽ لاڳت ۾ به جوڳي بچت جو موقعو موجود آهي. هن چيو ته صرف 4 خريدارين ۾ هڪ ارب 86 ڪروڙ رپين جي بچت ڪئي وئي. ان ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان هڪ لک ليپ ٽاپس جي خريداري، گيپڪو ۽ پيسڪو طرفان توانائي ميٽرز جي خريداريءَ ۾ مجموعي طور تي 10 ڪروڙ 56 لک رپين جي بچت، ڪي پي ڪي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ طرفان ڪتابن جي خريداريءَ ۾ لاڳت کي 13 ارب 39 ڪروڙ رپين کان گهٽ ڪري 12 ارب 75 ڪروڙ رپين تائين آڻڻ ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائزيشن طرفان ٽي ڊي ويڪسين جي خريداري شامل آهن. هن چيو ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ سراسري طور 29.8 سيڪڙو بچت حاصل ٿي جڏهن ته ان شرح ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين واڌ جا امڪان موجود آهن. هن چيو ته ڊجيٽل تبديليءَ سان گڏوگڏ پيپرا وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان نومبر 2024ع ۾ منظور ڪيل سڌارا جاتي روڊ ميپ موجب مختلف شعبن ۾ سڌارا لاڳو ڪيا آهن. هي روڊ ميپ عالمي بئنڪ جي عالمي ماهرن جي جاچ واري رپورٽ جي بنياد تي تيار ڪئي وئي. ايم ڊي ٻُڌايو ته ادارن جي فني ۽ قانوني سگهه وڌائڻ ۽ اِي پيڊز جي نئين ويزن جي پاڻمرادو تياريءَ لاءِ ماهرن جي ڀرتي، وفاقي ادارن ۾ 200 کان وڌيڪ پروڪيومنٽ سيلز جي قيام، اي پيڊز لاءِ خاص پراجيڪٽ مئنجمينٽ يونٽ، جديد تربيتي ليب ۽ 16 ڪلاڪ فعال هيلپ ڊيسڪ جي قيام جهڙن قدمن ذريعي اداره جاتي سڌارن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ريگيوليٽري سڌارن جي سلسلي ۾ پيپرا آرڊيننس 2002ع ۾ ترميمون، پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2025ع جي تياري ۽ نَوان ضابطا ترتيب ڏيڻ جهڙن قدمن کي يقيني بڻايو ويو. نَون قاعدن تحت اليڪٽرانڪ خريداري ۽ اِي ڊسپوزل کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته شڪايتن جي ازالي جون ڪميٽيون، بليڪ لسٽنگ جي اثرائتي نظام، ٿرڊ پارٽي نگراني، فريم ورڪ معاهدن ۽ معاهده جاتي نظم و نسق جهڙا قدم به شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سگهه ۾ واڌ سڌاره جاتي ايجنڊا جو مرڪزي جُز رهيو آهي ۽ هاڻ تائين 14752 آفيسرن ۽ وينڊرز کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي جن ۾ سال 2023ع ۾ اِي پيڊز جي شروعات کان پوءِ 7491 ماڻهو شامل آهن. اها تربيت پي پي آر اي پاڻ به فراهم ڪئي، جڏهن ته لمز، آءِ بي اي، نسٽ، ايئر يونيورسٽي ۽ ڪامسيٽس جهڙين يونيورسٽين جي سهڪار سان به تربيتي پروگرام منعقد ڪيا ويا. ان موقعي تي ايم ڊي پيپرا 31-2026ع تي ٻَڌل 5 ساله سڌاره جاتي روڊ ميپ پڻ پيش ڪيو جنهن تحت اِي پيڊيز جي نئين ويزن کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ، اوپن ڪانٽريڪٽنگ ڊيٽا اسٽينڊرڊز، مانيٽرنگ اينڊ ايويليو ايشن ۽ گهڻ رُخ ترقياتي بئنڪن جي مالي تعاون سان ٿيندڙ خريداري جا ماڊلز ۽ ڊيش بورڊ متعارف ڪرائڻ، سرڪاري ادارن لاءِ خاص ماڊلز تيار ڪرڻ، معاهده جاتي نظم و نسق جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، نيشنل پروڪيومنٽ اسٽريٽجي ۽ پائيدار خريداري پاليسي جوڙڻ، مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل تجزياتي نظام متعارف ڪرائڻ، پيپرا قانونن تي عمل نه ٿيڻ ۾ گهٽتائي، خريداري جي عمل جي مُدي ۾ گهٽتائي ۽ خريداريءَ سان واڳيل آفيسرن ۽ وينڊرز جي پيشيوراڻي سگهه بهتر بنائڻ جا هدف مقرر ڪيا ويا آهن.

مزید خبریں