اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير پالو ميگوئيل گوئيڊس ڊومينگيز پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين پرگال جي سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ پرتگال وچ ۾ پُراڻن، دوستاڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل ۽ گهڻ رُخي سطح تي …
سينيٽ چيئرمين پاران پاڪستان پرتگال ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير پالو ميگوئيل گوئيڊس ڊومينگيز پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين پرگال جي سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ پرتگال وچ ۾ پُراڻن، دوستاڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل ۽ گهڻ رُخي سطح تي پُرامن، استحڪام ۽ پائيدار ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکيو پيا اچن. سينيٽ چيئرمين اعليٰ سطحي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آئينده ٻه طرفي سياسي مشاورتي اجلاس ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اقتصادي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻه طرفي واپار ۾ مسلسل واڌ جي آجيان ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم، ثقافت ۽ بليو اڪانومي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن جي ايس پي پلس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي پرتگال جو ٿورو مڃيندي ان سلسلي ۾ آئينده به تعاون جاري رهڻ جي اميد ظاهر ڪئي. سينيٽ چيئرمين پرتگال ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۾ هڪ پُل قرار ڏنو. هن تعليمي تعاون، تعليمي ادارن وچ ۾ مٽاسٽا ۽ هنرمند افرادي سگهه جي چُرپر کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي ليبر موبيلٽي پارٽنرشپ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ پاڪستان ۽ پرتگال جي پارلياماني فرينڊشپ گروپس ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن وچ ۾ رابطن جي تسلسل جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي سفير شاندار استقبال تي سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي پاڪستان سان سياسي، پارلياماني، اقتصادي، تعليمي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي پرتگال جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين طرفان پاڪستان ۽ پرتگال وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گڏيل مفادن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











