اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مالي سال جي پڄاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي عوام جي سهولت ۽ خطي جي معاشي ترقيءَ کي اجاگر ڪندي هڪ …
مواصلات واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، مري ايڪسپريس وي کي مظفر آباد تائين وڌائڻ جو فيصلو
اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مالي سال جي پڄاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي عوام جي سهولت ۽ خطي جي معاشي ترقيءَ کي اجاگر ڪندي هڪ تاريخي فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته مري ايڪسپريس وي کي مظفر آباد تائين 70 ڪلوميٽرن تائين وڌايو ويندو. هن واضح ڪيو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي به مري ايڪسپريس جي طرز تي موٽر وي جون جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته مري- مظفر آباد ايڪسپريس وي جي تعمير سان آزاد ڪشمير جي عوام لاءِ هڪ جديد، تيز رفتار ۽ محفوظ سفري سهولت جي شروعات ٿيندي جيڪو خطي جي خوشحالي ۽ آزاديءَ جي عزم کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. مواصلات واري وزير اين ايڇ کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڪنهن به نئين منصوبي کي شروع ڪرڻ کان پهرين پهرين جاري ٿيل پراجيڪٽس کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ان مالي سال ۾ اين ايڇ اي کي پهرين کان جاري 25 ترجيحي منصوبن جي تڪميل طرف وڃڻو پوندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ايم-8 موٽر وي جي تڪميل لاءِ ”هوشاب آواران روڊ“ کي ترجيحي منصوبن جي فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته آواران نال منصوبو ۽ هوشاب- آواران روڊ ايران سان واپار وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪ- ايران واپار ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ان شاهراهن جي وقت سر تعمير اڻٽر آهي. اداري جي مالياتي صورتحال تي ڳالهائيندي هن هڪ وڏو هدف سامهون رکيو. هن چيو ته حڪومت کان فنڊ گُهرڻ بدران اين ايڇ اي کي پنهنجي وسيلن کي پاڻ وڌائڻو پوندو. اسان جو عزم آهي ته اين ايڇ اي کي مستقبل ۾ ساليانو 3 کان 4 ارب رپيا ڪمائڻ وارو هڪ مستحڪم ۽ خودڪفيل ادارو بڻايو وڃي. مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي آفيسرن ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.











