رانديون سماج ۾ مثبت سوچ ۽ اسپورٽ مين اسپرٽ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اسپورٽس جرنلسٽس جي ڀلائي لاءِ تجويزن تي هر ممڪن عملدرآمد ڪيو ويندو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته رانديون سماج ۾ مثبت سوچ ۽ اسپورٽ مين اسپرٽ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اسپورٽس جرنلسٽس راندين جي سرگرمين کي ذميواراڻي ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي ڀلائي، بهتري ۽ اسپورٽس جرنلزم جي فروغ لاءِ مليل …

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته رانديون سماج ۾ مثبت سوچ ۽ اسپورٽ مين اسپرٽ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اسپورٽس جرنلسٽس راندين جي سرگرمين کي ذميواراڻي ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي ڀلائي، بهتري ۽ اسپورٽس جرنلزم جي فروغ لاءِ مليل تجويزن تي حڪومتي سطح تي هر ممڪن عملدرآمد ڪيو ويندو. خميس ڏينهن هتي هڪ مقامي هوٽل ۾ "ورلڊ اسپورٽس جرنلسٽس ڊي 2026ع جي موقعي تي منعقد تقريب ۽ راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن (رسجا) جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رانديون منهنجي دل جي تمام ويجهو آهن. منهنجو وزن هو ته جيڪڏهن اسپورٽس جرنلسٽس کي سُڃاڻپ نه ڏني وڃي ته هن شعبي ۾ نوجوان ۽ نون ايندڙ صحافين لاءِ ڪابه ڇڪ ۽ ڪشش باقي نه رهندي. هن چيو ته هي هڪ محنت طلب شعبو آهي جنهن ۾ فيلڊ رپورٽنگ به ڪرڻي هُوندي آهي ۽ سڀني سرگرمين جو باقاعده رڪارڊ به رکڻو هُوندو آهي. هن چيو ته صحافين جي حوصلا افزائي لاءِ اسپورٽس جرنلسٽس ايوارڊ صحافين اهم آهي. اها خوشي جي ڳالهه آهي ته موجوده دور ۾ صحافي محي شاهه کي تمغه امتياز سان نوازيو ويو، اهو اعزاز پُوري پاڪستان جي اسپورٽس جرنلسٽس لاءِ فخر جو سبب آهي. هن اسپورٽس جرنلزم جي فروغ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته اسپورٽس جرنلسٽس جي ڀلائي، انهن جي بهتري ۽ اسپورٽس جرنلزم جي فروغ لاءِ جيڪي به تجويزون ڏنيون وينديُون انهن تي حڪومتي سطح تي هر ممڪن عملدرآمد ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان جو واحد چينل آهي جيڪو فيفا ورلڊ ڪپ کي لائيو نشر ڪري رهيو آهي، هي قدم نوجوانن جي حوصلا افزائي ۽ صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي. هن صحافين کي يقين ڏياريو ته اسپورٽس جرنلزم جي حوالي سان جيڪي به تجويزون ڏنيون وينديون، سندن پُوري ڪوشش هُوندي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، اسپورٽس جرنلزم جي فروغ جي حوالي صحافي کيس سدائين پاڻ کان هڪ قدم اڳيان ڏسندا. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن (رسجا) جي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو. رسجا جي نئين چونڊيل باڊي ايندڙ مدي لاءِ پنهنجُون ذميداريُون باضابطه طور تي سنڀالي ورتيُون. اطلاعات واري وفاقي وزير نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پڻ ڏني. بعد ورلڊ اسپورٽس جرنلسٽس ڊي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيڪ پڻ ڪٽيو. ان کان اڳ، سينئر اسپورٽس جرنلسٽس محي شاهه اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي آجيان ڪندي چيو ته گذريل 40 سالن کان رسجا هن عالمي ڏينهن جي موقعي تي خصوصي تقريب منعقد ڪندي پئي اچي. هن اسپورٽس جرنلسٽس جي حيثيت سان تمغه امتياز سان نوازڻ تي پاڪستان جي حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا.