اسلام آباد - پهرين جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ يونيورسٽيون ۽ اعلى تعليمي ادارا قائم ڪرڻ بابت موجوده رهنما اصولن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان ۾ اعلى تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۽ منظوري جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ يونيورسٽيون ۽ اعلى تعليمي ادارا قائم ڪرڻ بابت موجوده رهنما اصولن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ يونيورسٽيون ۽ اعلى تعليمي ادارا قائم ڪرڻ بابت موجوده رهنما اصولن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان ۾ اعلى تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۽ منظوري جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي تجويز ڪيل ريگيوليٽري فريم ورڪ 2026ع جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. لاڳاپيل ادارن جي نمائندن ڪميٽي کي ان پاليسي تي جامع بريفنگ ڏني. ڪميٽي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ڪوششن کي ساراهيندي ڪجهه شعبن ۾ وڌيڪ بهتري جون سفارشون پيش ڪيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار هدايت ڪئي ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ڪميٽي جي سفارشن کي تجويز ڪيل فريم ورڪ ۾ شامل ڪري ۽ نظرثاني ٿيل مسودو منظوري جي لاءِ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي ذريعي وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪلي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير حڪومت جي معياري تعليم جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان جي اعلى تعليمي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ اعلى ترين معيار، شفافيت ۽ عمدگي سان علم جي فراهمي موجوده حڪومت جي نمايان ترجيح آهي. اجلاس ۾ قانون ۽ انساني حقن، بين الصوبائي رابطن، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.









