اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان مالي سال 26-2025ع لاءِ نظرثاني ٿيل سالياني محصولن جي هدف کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي اداري جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي ان کي هڪ تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو آهي، اهو سنگِ ميل ٽيم ورڪ، مسلسل سڌارن ۽ ايف بي آر جي قيادت ۽ سڄي ملڪ ۾ مقرر آفيسرن ۽ عملي …
محصول جو هدف حاصل ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي، جديد ٽيڪس نظام جو اصل مقصد ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ، شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي اعتماد کي مضبوط بنائڻ هوندو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان مالي سال 26-2025ع لاءِ نظرثاني ٿيل سالياني محصولن جي هدف کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي اداري جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي ان کي هڪ تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو آهي، اهو سنگِ ميل ٽيم ورڪ، مسلسل سڌارن ۽ ايف بي آر جي قيادت ۽ سڄي ملڪ ۾ مقرر آفيسرن ۽ عملي جي اڻٽٽ محنت جو نتيجو آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي ايف بي آر هيڊ ڪوارٽرز ۾ رٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ ايف بي آر جو چيئرمين راشد محمود لنگڙيال، بورڊ جي ميمبرن، سينيئر آفيسرن، چيف ڪمشنرن ۽ چيف ڪليڪٽرز سڄي ملڪ مان وڊيو لِنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، ناڻي واري وزير، وزيراعظم طرفان ايف بي آر جي پوري ٽيم کي مالي سال دوران اڻٿڪ محنت ۽ ڀرپور لڳن تي واڌايون پيش ڪيون. ناڻي واري وزير چيو ته ان ڪاميابيءَ کي پاڪستان گذريل اڍائي سالن جي تمام وڏي سڌارن واري سفر جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃڻ گهرجي، ان دوران ملڪ جي محصولن ۾ تقريبن ٻيڻي واڌ ٿي، اها اڳڀرائي پاڪستان جي مالياتي تاريخ جي نمايان ڪاميابين مان هڪ آهي ۽ ان ملڪي معيشت جي بنيادي مضبوطيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته محصولن ۾ نمايان واڌ ۽ محتاط مالي نظم و ضبط عيوض نه صرف پرڏيهي شعبي جا اهڃاڻ بهتر ٿيا پر پاڪستان پنهنجي تاريخ جو گهٽ ترين مالياتي خسارو ۽ سڀ کان وڏو پرائمري سرپلس به حاصل ڪيو. ناڻي واري وزير خاص ڪري اِن لينڊ روينيو ۽ ڪسٽمز جي شعبن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ايف بي آر ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نمايان ٽيرف فراهم ڪرڻ باوجود محصولن ۾ خاطرخواه واڌ حاصل ڪئي. هن ان ڳالهه جي به تعريف ڪئي ته اداري مالي سال دوران 599 ارب رپيا جا ٽيڪس ريفنڊز جاري ڪيا جن ۾ مالي سال جي آخري ڏينهن رڪارڊ 13.5 ارب رپين جي ادائگي پڻ شامل آهي، اها حڪومت جي ڪاروباري برادري ۽ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ سهولتڪاريءَ جي عزم جو واضح اظهار آهي. ناڻي واري وزير وفاقي بجيٽ 26-2025ع جي تياريءَ دوران ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر وچ ۾ اثرائتي رابطن ۽ هم آهنگيءَ کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ٽيڪس پاليسي ۽ ٽيڪس انتظاميه وچ ۾ بهترين سهڪاري عمل پاڪستان جي تاريخ جي ترقي پسنداڻي بجيٽن مان هڪ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جيڪو اداره جاتي سڌارن لاءِ حڪومت جي پُختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته جديد ٽ:ڪس نظام جي ڪاميابي صرف محصول جمع ڪرڻ تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر ان جو محور ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي اعتماد کي مضبوط بنائڻ به هئڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته ٽيڪنالاجي، پاڻڀرو نظام، بهتر خدمتن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ بدعنواني جي امڪانن ۾ گهٽتائيءَ ذريعي ٽيڪس جي ادائگي کي وڌيڪ آسان ۽ اثرائتو بڻايو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت طرفان منظور ڪيل ايف بي آر جو نئون آپريٽنگ ماڊل اداري جي تنظيمي تبديليءَ کي وڌيڪ تيز ڪندو. ان ماڊل تحت انساني وسيلن، طريقيڪار ۽ ٽيڪنالاجي ۾ جامع سڌارا متعارف ڪرايا ويندا جن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ جديد ڊجيٽل نظام جو وڏو استعمال به شامل هوندو. ناڻي واري وزير انهن سڌارن لاءِ ضروري قانون سازيءَ ۾ سهڪار تي پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ايف بي آر کي ملڪ جي بهترين عوامي ادارن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح پُرعزم آهي. هن ٽيڪس سڌارن جي ايجنڊا جي ڪامياب اڳڀرائيءَ ۾ وزيراعظم جي ذاتي رهنمائي، مسلسل نگراني ۽ قائداڻي ڪردار کي به ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي راشد محمود لنگڙيال نئين مالي سال جي پهرين ئي ڏينهن ايف بي آر هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ ۽ اداري جي مسلسل سرپرستيءَ تي ناڻي واري وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن بجيٽ سازيءَ جي پوري عمل دوران ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر وچ ۾ ويجهي سهڪار خاص ڪري آءِ ايم ايف، صوبائي حڪومتن، اتحادي پارٽين، پارلياماني ڪميٽين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان صلاح مشوري جي مرحلن ۾ سهڪار کي ساراهيو. ايف بي آر چيئرمين ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر جي آفيسرن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن فني مهارت ۽ گڏيل سهڪار حڪومت کي پيچيده مالياتي ۽ ٽيڪس پاليسي جي چئلينجز کي ڪاميابيءَ سان مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. سندس موجب سڌارن واري عمل ثابت ڪيو ته جيستائين پاڪستان جي سول سروس قومي مقصدن لاءِ متحد ٿي ڪم ڪندي ته غير معمولي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ناڻي واري وزير هڪ ڀيرو ٻيهر ايف بي آر جي پوري ٽيم کي شاندار ڪارڪردگيءَ تي واڌايون ڏنيون ۽ ان يقين جو اظهار ڪيو ته گڏيل سهڪار، اثرائتن سڌارن ۽ مضبوط اداره جاتي عزم ذريعي ايف بي آر آئينده به پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو رهندو.









