سينيٽ چيئرمين پاران راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن رسجا جي نَون چونڊيل عهديدارن کي واڌايون

اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن (رسجا) جي چونڊن ۾ بنا مقابلي چونڊيل سمورن نَون عهديدان کي واڌايون پيش ڪيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين مسلسل ٻيو ڀيرو چونڊيل صدر ابوبڪر بن طلعت، چونڊيل جنرل سيڪريٽري عمبرين علي، فنانس سيڪريٽري ناصر عباس نقوي سميت سمورن چونڊيل عهديدارن ۽ گورننگ باڊيءَ جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار …

اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن (رسجا) جي چونڊن ۾ بنا مقابلي چونڊيل سمورن نَون عهديدان کي واڌايون پيش ڪيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين مسلسل ٻيو ڀيرو چونڊيل صدر ابوبڪر بن طلعت، چونڊيل جنرل سيڪريٽري عمبرين علي، فنانس سيڪريٽري ناصر عباس نقوي سميت سمورن چونڊيل عهديدارن ۽ گورننگ باڊيءَ جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته کيس يقين آهي ته نئين قيادت پيشيوراڻي صحافت، شفافيت، اتحاد ۽ صحافتي قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسپورٽس جرنلزم راندين کي هٿي وٺرائڻ، نوجوانن ۾ هاڪاري سرگرمين جي حوصله افزائي ۽ قومي سطح تي صحتمند معاشرتي رجحانن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته ذميدار ۽ پيشيوراڻي اسپورٽس صحافت نه صرف راندين جي ترقي پر قومي يڪجهتي ۽ هاڪاري سُڃاڻپ کي به مستحڪم ڪري ٿي. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته رسجا جي نئين چونڊيل قيادت اسپورٽس جرنلسٽس جي حقن جي تحفظ، سندن پيشيوراڻي سگهه ۾ واڌ ۽ صحافتي اخلاقيات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون سهڻي انداز ۾ انجام ڏيندي ۽ اداري کي وڌيڪ فعال، مضبوط ۽ باوقار بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

مزید خبریں