اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير آئرينا گيناڊيوا گانچيوا اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بلغاريه جي ٻه طرفن، خطي جي مجموعي صورتحال، پارلياماني سهڪار، اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي سطح تي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سفير کي …
سينيٽ چيئرمين سان پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير جي ملاقات، ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير آئرينا گيناڊيوا گانچيوا اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بلغاريه جي ٻه طرفن، خطي جي مجموعي صورتحال، پارلياماني سهڪار، اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي سطح تي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجي سفارتي ذميداريون ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي دوستيءَ وارن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس خدمتن کي ساراهيو. هن ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۾ سفير جي ڪردارن قدر جوڳو قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ بلغاريه وچ ۾ ناتا گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻَڌل آهن. هن بلغاريه کي يورپ ۾ پاڪستان جو اهم ڀائيوار قرار ڏيندي ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن بلغاريه ڪو شينگن ايريا جي مڪمل رڪنيت حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ يورو کي اختيار ڪرڻ کانپوءِ ان جي مسلسل اقتصادي ترقيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين بلغاريه جي او اي سي ڊي جي رڪنيت جي خواهشن لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي تازي پارلياماني چونڊ کانپوءِ نئين حڪومت جي ڪامياب قيام جي آجيان پڻ ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ بلغاريه وچ ۾ ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻَڌل سفارتي ناتن جو ذڪر ڪندي چيو ته اعليٰ سطحي دؤرن ۽ اداره جاتي رابطن ذريعي سياسي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار جي وڏن امڪانن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڀريو ۽ پاڪستان- بلغاريه بين الحڪومتي تعاون ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي جلد بندوبست ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪئي. سينيٽ چيئرمين يورپي يونين جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان بلغاريه جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يورپي يونين جي جي ايس پي پلس فريم ورڪ جي آئينده مرحلي ۾ به اهو سهڪار جاري رهندو. پارلياماني سفارتڪاريءَ جي اهميت تي زور ڀريندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپس قانونساز ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پارلياماني اڳواڻن وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿي سگهن. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين سفير کي انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) کان پڻ آگاهه جيڪو سندس قيادت ۾ امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جي موضوعن تي عالمي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل هڪ اهم ڪوشش آهي.هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ عالمي سفارتي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ هاڪاري ۽ تعمير ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ طرف اُڀريو آهي ۽ عالمي برادري ان جي امن ڪوششن کي ساراهيو آهي. سينيٽ چيئرمين پنهنجي وزيراعظم جي دؤر جو حوالو ڏيندي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه سان گڏ پريس ڪانفرنس جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان موقعي تي کيس ”امن جو سفير“ قرار ڏنو ويو هو. بلغاريه جي سفير پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ سفارتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. سينيٽ چيئرمين سينيٽ طرفان عورتن کي بااختيار بنائڻ، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ نوجوانن جي تعليمي ۽ پيشيوراڻي سگهه ۾ واڌ لاءِ شروع ڪيل تعليمي آگاهي ۽ انٽرن شپ پروگرامز تي پڻ روشني وڌي. هن پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پڻ خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته عورتن جي حقن ۽ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ بلغاريه جي ناتن کي هٿي ڏيڻ ۾ سفير آئرينا گينا ڊيوا گانچيوا جي وڏين خدمتن سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ ان جي آئينده ذميدارن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان بلغاريه ۽ يورپي يونين سان نوجوانن جي ترقي، عورتن کي بااختيار بنائڻ، تعليم، اقتصادي سهڪار ۽ ٻين گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي.









