اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته اڄ کان پاڪستان جي سمورين پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس ٽرانزيڪشن جو نظام مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو آهي، ان اهم قدم کانپوءِ شهرين کي فيس جمع ڪرائڻ لاءِ ڪلاڪن جو انتظار ۽ ڊگهين قطارن جي تڪليف کان مستقل ڇوٽڪارو ملي ويو آهي. گهرو وزير سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي …
پاڪستان جي سمورين پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس ٽرانزيڪشن جو نظام مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو آهي: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته اڄ کان پاڪستان جي سمورين پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس ٽرانزيڪشن جو نظام مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو آهي، ان اهم قدم کانپوءِ شهرين کي فيس جمع ڪرائڻ لاءِ ڪلاڪن جو انتظار ۽ ڊگهين قطارن جي تڪليف کان مستقل ڇوٽڪارو ملي ويو آهي. گهرو وزير سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي بيان ۾ ٻُڌايو ته اهم سڌارن وارا قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي کنيا ويا آهن جيڪي پاسپورٽ ٽيم ڪاميابي سان مڪمل ڪري عوام لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي. هن ان سنگِ ميل کي پبلڪ سروسز کي تمام تيز، شفاف ۽ شهرين لاءِ وڌ کان وڌ آسان بنائڻ طرف هڪ وڏو قدم قرار ڏيندي پوري پاسپورٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ مستبقل ۾ اهڙن وڏن هدفن کي حاصل ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ڊائريڪٽوريٽ جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽس طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب عوام جي سهولت لاءِ متعارف ڪرايل ان جديد نظام تحت هاڻ شهري صرف هڪ منٽ ۾ فيس ادا ڪري پنهنجو پاسپورٽ ٺهرائي سگهن ٿا. شهرين کي هاڻي آفيسن ۾ روڪ رقم ڏيڻ جي ضرورت ناهي پر هو اتي موجود ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪري پنهنجي موبائل ۾ موجود ڪنهن به بئنڪنگ ايپ يا ڊجيٽل والٽ ذريعي فيس ادا ڪري سگهن ٿا. ان ڊجيٽل نظام تحت شهرين کي ڏينهن رات 24 ڪلاڪن جي ادائگي جي سهولت ميسر هوندي. ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ٿيل اها ادائگي نه صرف انتهائي محفوظ ۽ تيز ترين آهي پر ان جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته فيس منتقل ٿيندي ئي سسٽم ذريعي ان جي فوري تصديق به ٿي وڃي ٿي. ان جديد سروز بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ شهري کاتي جي آفيشنل ويب سائٽ يا هيلپ لائن نمبر تي پڻ رابطو ڪري سگهن ٿا.









