وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دانش اسڪولن جي تعمير جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دانش اسڪولن جي تعمير جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دانش اسڪول ۽ دانش يونيورسٽي انتهائي اهم قومي اثاثو آهن، سڄي ملڪ ۾ دانش اسڪولن ۽ اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي جي تعمير قوم جي شاندار مستقبل جي لاءِ بهترين سيڙپڪاري آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم …

اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دانش اسڪولن جي تعمير جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دانش اسڪول ۽ دانش يونيورسٽي انتهائي اهم قومي اثاثو آهن، سڄي ملڪ ۾ دانش اسڪولن ۽ اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي جي تعمير قوم جي شاندار مستقبل جي لاءِ بهترين سيڙپڪاري آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ دانش اسڪولن ۽ دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مظفرآباد ۾ دانش يونيورسٽي جو ٽيڪ ڪئمپس ٺاهيو وڃي، چئني صوبن، گلگلت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دانش اسڪولن جي تعمير جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي، دانش اسڪولن جي ڊيزائن علائقائي ثقافت سان هم آهنگ هجڻ گهرجي، دانش اسڪولن ۽ يونيورسٽي ۾ تدريسي ۽ ٻئي عملي جي ڀرتي نج ميرٽ تي ڪئي وڃي. وزيراعظم دانش اسڪولن جي تعمير جي حوالي سان تيز اڳڀرائي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي ٽيم جي واکاڻ ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ 27 دانش اسڪولن ۽ اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي جي تعمير جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته دانش اسڪول ڪري اسلام آباد جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ اسڪول ۾ تدريس جي شروعات ٿي چڪي آهي، باغ، ڀمڀر، سلطان آباد، گانڇي ۽ استور ۾ دانش اسڪولن جي تعمير مڪمل ٿيڻ واري آهي ۽ اپريل 2027ع کان ڪلاسز شروع ٿي وينديون، دانش يونيورسٽي ۾ تدريسي عملي جي ڀرتي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، دانش يونيورسٽي ۾ 2027ع کان ڪلاسز شروع ٿي وينديون ۽ سڄي ملڪ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن مان ميرٽ جي بنياد تي شاگردن کي داخلا ڏني ويندي.

مزید خبریں