اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪئي، نوجوانن جي ترقي، تعليم، راندين، جدت ۽ هنرمنديءَ جي تربيت لاءِ رڪارڊ فنڊز رکيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت نوجوان پاڪستانين کي ميرٽ جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ، فني …
وفاقي حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪئي، نوجوانن جي ترقي، تعليم، راندين، جدت ۽ هنرمنديءَ جي تربيت لاءِ رڪارڊ فنڊز رکيا ويا آهن: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪئي، نوجوانن جي ترقي، تعليم، راندين، جدت ۽ هنرمنديءَ جي تربيت لاءِ رڪارڊ فنڊز رکيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت نوجوان پاڪستانين کي ميرٽ جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ، فني تعليم، ڊجيٽل جدت، پرڏيهه ملڪ روزگار ۽ قومي معيشت ۽ سلامتيءَ بابت اهم چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عمليءَ تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت تازي عالمي صورتحال دوران عوام کي 125 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جو عوام کي معاشي ڏُکيائين کان بچائڻ جي عزم جو چِٽو ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي مفادن ۽ حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي ۽ سنڌ طاس معاهدي بابت هڪ طرفن قدمن کي سياسي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ان جو ڀرپور جواب ڏيندو. رانا مشهود احمد خان چيو ته نوجوانن کي عزت، هنر ۽ پاڻڀرو بڻائڻ لاءِ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن ياد ڏياريو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي وزيراعليٰ جي حيثيت سان پنهنجي پهرين دؤر ۾ پاڪستان جو پهريون باقاعده يوٿ پروگرام شروع ڪيو جنهن ملڪ ۾ نوجوانن جي ترقيءَ جي رٿائن جو بنياد رکيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت راندين جي سرگرمين ۾ سڄي ملڪ مان 3 لک کان وڌيڪ نوجوانن حصو ورتو، جڏهن ته ميرٽ تي ٻَڌل ٽيلنٽ هنٽ ذريعي 9 مرد ۽ عورت رانديگرن پاڪستان سپر ليگ ۾ جاءِ بڻائي. قومي راند هاڪي جي حوالي سان هڪ تاريخي قدم جو اعلان ڪندي هن چيو ته هن سال پاڪستان جي تاريخ جو پهريون هاڪي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو ويندو. ڊجيٽل شعبي تي روشني وجهندي هن چيو ته وفاقي ڪابينه پاڪستان جي پهرين قومي اِي اسپورٽس پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ايندڙ ٻن مهينن ۾ ملڪ جي پهرين اِي اسپورٽس فيڊريشن قائم ڪيئ ويندي. هن چيو ته اِي اسپورٽس صرف چٽاڀيٽي گيمنگ تائين محدود ناهي پر گيم ڊولپمينٽ به ان جو اهم حصو آهي جيڪو هڪ ارب ڊالرن جي عالمي صنعت بڻجي چڪي آهي ۽ پاڪستان ان ۾ پنهنجو جائزو حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هن سال سڄي ملڪ ۾ اِي اسپورٽس ايريناز ۽ گيم ڊولپمينٽ سينٽرز جي قيام لاءِ نمايان سيڙپڪاري ڪئي ويندي. هن پاڪستاني گيمنگ چيمپئن ارسلان ايش جي اٺين عالمي اعزاز جو حوالو ڏيندي چيو ته حڪومت سڄي ملڪ مان باصلاحيت نوجوانن کي تلاش ڪري عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪندي ته جيئن وڌيڪ عالمي چيمپئن تيار ڪري سگهجن. هن نوجوان تخليقڪارن جي حوصله افزائي لاءِ نيشنل انوويشن ايوارڊز جي جاري ڪرڻ جو اعلان به پڻ ڪيو ۽ـ چيو ته وزيراعظم جي قائم ڪيل نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز اُڀرندڙ ڪاروباري ماڻهن ۽ ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس کي بهترين موقعا فراهم ڪري رهي آهي. رانا مشهود احمد خان چيو ته حڪومت گرين يوٿ موومينٽ جي شروعات ڪندي جنهن تحت سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ گرين يوٿ موومينٽ (جي واءِ ايم) ڪلب قائم ڪيا ويندا ته جيئن ماحولياتي آگاهي ۽ موسمياتي تبديلي کي مُنهن وارن قدمن کي هٿي ڏئي سگهجي. تعليم جي شعبي جي حوالي سان هن چيو ته نَون دانش اسڪولن جي قيام لاءِ هلندڙ سال 4.48 ارب رپيا رکيا ويا آهن ته جيئن ڪميونٽي جي سطح تي جديد تعليمي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته حڪومت وزيراعظم يوٿ پروگرام لاءِ تاريخ جي سڀ کان وڏي بجيٽ رکي آهي. گذريل سال تقريبن 8 کان 9 لک تربيت يافته پاڪستانين نوجوان پرڏيهه ملڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا جڏهن ته هلندڙ سال اهو هدف وڌائي 17 لک کان 18 لک نوجوانن تائين ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن لاءِ به ڪيترائي ارب رپيا رکيا ويا آهن ته جيئن فني، سافٽ ۽ اخلاقي مهارتن جي تربيت کي هٿي ڏئي سگهجي جڏهن ته نوجوانن ۾ حب الوطني ۽ ذميدار شهري هئڻ جو شعور به اجاگر ڪيو وڃي. رانا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جي سهڪار سان وزيراعظم يوٿ پروگرام پاڪستان جي نوجوانن تي سيڙپڪاريءَ جو سلسلو جاري رکندو، ڇاڪاڻ ته نوجوان ئي ملڪ جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو ۽ مستقبل جي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام جي اصل طاقت آهن.










