اسلام آباد - 01 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي انساني امداد واري رابطا آفيس جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ۽ ڊپٽي ايمرجنسي رليف ڪو آرڊينيٽر محمد يحييٰ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جا نمائندا به موجود هئا. اربع ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاران جاري بيان موجب …
موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير سان گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي انساني امداد واري رابطا آفيس جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ۽ ڊپٽي ايمرجنسي رليف ڪو آرڊينيٽر محمد يحييٰ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جا نمائندا به موجود هئا. اربع ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات جي شروعات ۾ وفاقي وزير محمد يحييٰ کي گڏيل قومن ۾ انساني معاملن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ۽ ڊپٽي ايمرجنسي رليف ڪوآرڊينيٽر جي عهدي تي مقرري جون مبارڪون ڏنيون. هن پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي اڳوڻي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان سندس خدمتن جي ۽ پاڪستان سان سندس مسلسل تعاون جي به تعريف ڪئي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته گڏيل قومن جون انساني امداد بابت خدمتون ان اداري جي سڀ کان اهم ۽ موثر ڪردارن مان هڪ آهن. هن قدرتي آفتن، انساني بحرانن ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت ۽ گڏيل قومن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ موسمياتي مزاحمت، آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري، پائيدار ترقي ۽ انساني امداد بابت شعبن ۾ گڏيل قدمن تي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي پاران ايندڙ سالن ۾ گڏيل تعاون لاءِ ترجيحي شعبن جي تعين ۽ گڏيل اشتراڪ تي ٻڌل منصوبابندي جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي حصيداري سان اهڙن قدمن کي اثرائتي انداز سان اڳيان وڌايو وڃي ته جيئن موسمياتي ۽ انساني ترقي جي هدفن کي بهتر نموني حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي.










