اسلام آباد - 01 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي، ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽن کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار حاصل ناهي ۽ ڪنهن ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي دائره ڪار کان ٻاهر وڃي پوليس سڌارن يا پوليس آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري نٿا ڪري سگهجن. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي موجب جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهي …
وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پوليس سڌارن بابت فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي، ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽن کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار حاصل ناهي ۽ ڪنهن ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي دائره ڪار کان ٻاهر وڃي پوليس سڌارن يا پوليس آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري نٿا ڪري سگهجن. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي موجب جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پوليس آفيسرن امجد احمد شيخ ۽ آصف علي پاران داخل اپيلن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ هڪ فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس سڌارن ۽ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو هو. وفاقي آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سامهون پوليس آفيسرن خلاف ڪو به ڪيس ٻڌڻي هيٺ نه هو. ان لاءِ هن خلاف ڪارروائي ۽ پوليس سڌارن بابت حڪم ڏيڻ عدالتي اختيارن کي پاس ڪرڻ برابر آهي. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي پاڻمرادو نوٽيس برابر قرار ڏيندي واضح ڪيو ته هاءِ ڪورٽ کي آرٽيڪل 199 تحت اهڙي ڪارروائي جو اختيار حاصل ناهي. عدالت حڪم ڏنو ته پوليس آفيسرنخ لاف جاري انڪوائري قانون موجب مڪمل ڪئي وڃي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪالعدم قرار ڏنل فيصلو ان انڪوائري تي اثر انداز نه ٿيندو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي اٽڪل 30 سال پراڻي فيصلي ۾ ڏنل سڌارن تي عملدرآمد جي هدايت ڏني هئي جڏهن ته سنڌ حڪومت موقف اختيار ڪيو ته پوليس جي نظام ۾ ان عرصي دوران ڪيترائي نوان قانون ٺاهڻ ۽ سڌارن جي جاچ ڪئي آهي جن کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. وفاقي آئيني عدالت انهن دليلن جي روشني ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اپيلون منظور ڪري ورتيون.










