وزيراعظم پاران چُوماسي جي اڳواٽ تياري جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سڄي مُلڪ جو هنگامي دورو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي موثر ۽ جامع تعاون کي لازمي قرار ڏيندي چُوماسي جي اڳواٽ تياري جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سمورن صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو هنگامي دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس …

اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي موثر ۽ جامع تعاون کي لازمي قرار ڏيندي چُوماسي جي اڳواٽ تياري جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سمورن صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو هنگامي دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چوُماسي سيزن جي اڳواٽ تياري ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي خطرن کان بچاءُ جي نظام تي جائزه اجلاس اربع ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اين ڊي ايم اي چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي خراب اثرن کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلي جي قومي سطح جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي موثر ۽ جامع تعاون لازمي آهي. هن موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سمورن صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جو هن هفتي هنگامي دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن چوُماسي جي اڳواٽ تياري مڪمل ڪري سگهجي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير جي نگراني ۾ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل وفاقي وزارتن تي ٻڌل ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا لاڳاپيل صوبائي ادارن سان عملي تعاون جي لاءِ ڪم ڪندي. وزيراعظم جي هدايت تي ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي هفتيوار ملاقاتون ڪندي. هن هدايت ڪئي ته ناڻي وارو وفاقي وزير ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي ۾ چُوماسي جي امڪاني تباهي جي صورت ۾ هنگامي فنڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ اڳواٽ تياري مڪمل ڪري. وزيراعظم چيو ته غيرملڪي ادارن جي مالي معاونت تحت منصوبا به قومي ۽ مقامي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم ٻڌايو ته قومي پاڻي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ وفاقي حڪومت هن سال مالي بجيٽ ۾ پاڻي منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ 330 ارب رپين جي اضافي رقم رکي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ماضي جي تجربن جي روشني ۾ هن سال چُوماسي جي مُند ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال ۽ خطرن کان بچڻ جي لاءِ قدم جامع روڊ ميپ تحت جوڙيا وڃن، سمورا صوبا مقامي سطح تي خطري ۾ ورتل ضلعن ۾ دريائن جي گذرگاهن ۽ ٻوڏ جي امڪاني رستن ۾ قبضن ۽ ٻين مسئلن جو اڳواٽ موثر حل يقيني بڻائين، چُوماسي جي دوران سمورا ادارا پنهنجي مڪمل اداراجاتي ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيت کي عوام جي سهولت لاءِ استعمال ۾ آڻين. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين هلندڙ سال چُوماسي جي اڳواٽ تياري ۽ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي جي رجحان تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي جي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ هلندڙ سال گرمي جي شديد لهر ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ غيرمعمولي برساتون متوقع آهن جن جي لاءِ تجويز ڪيل حڪمت عملي تحت سمورا گهربل انتظام ڪيا پيا وڃن. اجلاس ۾ وزيراعظم موسمياتي تبديلي ۽ چُوماسي جي امڪاني تباهي کان يقيني بچاءُ جي لاءِ سمورين وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي مڪمل هم آهنگي سان موثر تعاون ۽ جامع حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جهڙن خطرن کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون ۽ هنگامي قدم لازمي آهن.

مزید خبریں