ميڪسيڪو جي ٽيم 40 سالن بعد عالمي ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهرين تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

ميڪسيڪو سٽي _1 جولاءِ (اي پي پي) ميڪسيڪو فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي اهم ميچ ۾ ايڪواڊور کي 0-2 تان شڪست ڏئي 40 سالن بعد ميگا ايونٽ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهرين تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميزبان ميڪسيڪو هوم گرائونڊ اسٽيڊيو ازٽيڪا ۾ کيڏيل سنسني خيز ميچ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ايڪواڊور کي 0-2 تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ 40 سالن بعد ان مرحلي ۾ پنهنجي …

ميڪسيڪو سٽي _1 جولاءِ (اي پي پي) ميڪسيڪو فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي اهم ميچ ۾ ايڪواڊور کي 0-2 تان شڪست ڏئي 40 سالن بعد ميگا ايونٽ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهرين تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميزبان ميڪسيڪو هوم گرائونڊ اسٽيڊيو ازٽيڪا ۾ کيڏيل سنسني خيز ميچ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ايڪواڊور کي 0-2 تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ 40 سالن بعد ان مرحلي ۾ پنهنجي پهرين فتح پنهنجي نالي ڪري ورتي. ميچ جي شروعات وڄ ڪرڻ سبب هڪ ڪلاڪ دير بعد ٿي ، پر ان سان ميڪسيڪو جي ڪارڪردگي متاثر نه ٿي. جوليان ڪوئينونيس ۽ رال خيمنيز پهرين هاف ۾ 9 منٽن اندر 2 گول ڪري ٽيم کي فيصلي جوڳي سرسري ڏياري. ان ڪاميابي سان ميڪسيڪو عالمي ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. جتي هن جو مقابلو انگلينڊ يا ڪانگو سان ٿيندو ميڪسيڪو مسلسل پنهنجي شروعاتي 4 ميچون ڪنهن گول کانسواءِ کٽي ڪري هڪ نئون اعزاز به حاصل ڪيو. ٻئي پاسي ايڪواڊور جي مهم مايوسي جوڳي انداز ۾ ختم ٿي وئي جڏهن ته اضافي وقت ۾ مدافع پيرو هنڪاپي کي ڳاڙهو ڪارڊ به ڏيکاريو ويو.

مزید خبریں