حڪومت تجديد جوڳي توانائي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪري ٿي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد - 01 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته حڪومت تجديد جوڳي توانائي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪري ٿي ۽ سيڙپڪارن لاءِ شفاف، مستحڪم، ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪوريا جي پاور ڪمپني (ڪي او اي اين) …

اسلام آباد – 01 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته حڪومت تجديد جوڳي توانائي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪري ٿي ۽ سيڙپڪارن لاءِ شفاف، مستحڪم، ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪوريا جي پاور ڪمپني (ڪي او اي اين) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪم من ينگ سان ڳالهائيندي ڪيو.  ملاقات ۾ پاڪستان جي هائيڊرو پاور سيڪٽر ۾ ڪوريائي سيڙپڪاري،س وات ۾ جاري پن بجلي منصوبن ۽ ان جي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ ڪمپني جي سيرپڪاري، جاري منصوبن ۽ فنانسنگ  انتظامن بابت بريفنگ  ڏيندي ٻڌايو ته ڪمپني سوات ۾ 229 ميگاواٽ اسريت ڪيڊم ۽ 238 ميگاواٽ ڪالام اسريت هائيڊرو پاور منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. انهن منصوبن لاءِ اٽڪل هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي فنانسنگ جو انتظام به ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ ڪوريائي پاور ڪمپني (ڪي او اي اين) جي مسلسل دلچسپي ۽ سيڙپڪاري جي اعتماد جي تعريف ڪندي چيو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل تعاون کي يقيني بڻائيندي.  هن ڪمپني کي درپيش معاملن تي لاڳاپيل ادارن سان رابطو ۽ ممڪن مدد جي به خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڪوريائي وفد پاڪستان حڪومت سان مسلسل رابطي ۽ تعاون ذريعي منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي اميد جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں