سينيٽ چيئرمين پاران ڪاهنه ٽيوشن سينٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٻارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 01 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪاهنه ٽيوشن سينٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جوا ظهار ڪندي فوت ٿي ويل ٻارن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪاهنه وارو اهو افسوسناڪ سانحو پوري قوم کي سوڳوار ڪري ويو آهي ۽قوم متاثره خاندانن سان ڏک ۾ برابر جي …

اسلام آباد – 01 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪاهنه ٽيوشن سينٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جوا ظهار ڪندي فوت ٿي ويل ٻارن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪاهنه وارو اهو افسوسناڪ سانحو پوري قوم کي سوڳوار ڪري ويو آهي ۽قوم متاثره خاندانن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته فوت ٿي ويل ٻارن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. هن زخمين کي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جوا ظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ان افسوسناڪ واقعي جي تناظر ۾ تعليمي ادارن جي عمارتن  جي حفاظتي معيار تي سختي سان عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته لاڳاپيل اداري تعليمي عمارتن جي حفاظتي انتظامن جو باقاعدگي  سان جائزو ورتو ۽ مستقبل ۾ اهڙن المناڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته انساني حياتين جو تحفظ رياست ۽ لاڳاپيل ادارن جي اولين ذميواري اهي. ان معاملي ۾ ڪوتاهي جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ تعليمي ادارن جي حفاظت هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ گهرجي.