لنڊن - 01 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ انگلينڊ ۾ جاري ڏهين وومينز ٽي - ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو ٻيو سيمي فائينل ميچ ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ خميس تي کيڏيو ويندو. اهو ميچ انگلينڊ جي گادي واري هنڌ لنڊن جي اوول گرائونڊ تي کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ سي سي وومينز ٽي- ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ڏهين ايڊيشن جي انتهائي دلچسپ مقابلن جو …
انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ آءِ سي سي وومينز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو ٻيو سيمي فائينل ميچ خميس 2 جُولاءِ تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
لنڊن – 01 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ انگلينڊ ۾ جاري ڏهين وومينز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو ٻيو سيمي فائينل ميچ ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ خميس تي کيڏيو ويندو. اهو ميچ انگلينڊ جي گادي واري هنڌ لنڊن جي اوول گرائونڊ تي کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ سي سي وومينز ٽي- ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ڏهين ايڊيشن جي انتهائي دلچسپ مقابلن جو سلسلو انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي سٺا مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، هاڻي ميگا ايونٽ پنهنجي پڄاڻي واري مرحلي طرف گامزن آهي. ميگا ايونٽ ۾ 12 عورت ڪرڪيٽ ٽيمن ٽائيٽل کٽڻ لاءِ حصو ورتو، جن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پر اها ناڪ آئوٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي. ميگا ايونٽ جي ان ميچ ۾ انگلينڊ جي قيادت شارلٽ ڊين ڪندي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي لورا وولوارڊٽ ليڊ ڪندي. ميگاواٽ ايونٽ جو فائينل ميچ 5 جولاءِ تي کيڏيو ويندو.











