اسپين جي فٽبالر اليگزينڊر رو گريمالڊو پاران ايٽليٽيڪو ميڊرڊ سان 4 سالن لاءِ معاهدو

ميڊرڊ - 01 جولاءِ (اي پي پي) ايٽليٽيڪو ميڊرڊ  لوير ڪوزن سان تعلق رکندڙ اسپين جي انٽرنيشنل ليفٽ بيڪ اليگزينڊر روگريمالڊو کي جون 2030ع تائين پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي باضابطا تصديق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 30 سالن جو اليگزينڊرو گريمالڊو هن وقت  اسپين جي ٽيم سان فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ مصروف آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات بارسلونا مان ڪئي هئي، جڏهن ته هو 2016ع  ۾ بينفيڪا ۽ …

ميڊرڊ – 01 جولاءِ (اي پي پي) ايٽليٽيڪو ميڊرڊ  لوير ڪوزن سان تعلق رکندڙ اسپين جي انٽرنيشنل ليفٽ بيڪ اليگزينڊر روگريمالڊو کي جون 2030ع تائين پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي باضابطا تصديق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 30 سالن جو اليگزينڊرو گريمالڊو هن وقت  اسپين جي ٽيم سان فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ مصروف آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات بارسلونا مان ڪئي هئي، جڏهن ته هو 2016ع  ۾ بينفيڪا ۽ پوءِ 2023ع ۾ بائر ليور ڪوزن جو حصو بڻيو. جرمن ڪلب لاءِ سندس معاهدو اڃا به هڪ سال باقي هو، جتي هن پنهنجي دور ۾ 30 گول اسڪور ڪيا ۽ 40  کان وڌيڪ اسسٽ فراهم ڪيا. ايٽليٽيڪو ميڊرڊ ۾ شموليت تي خوشي جو اظهار ڪندي  اليگزينڊرو گريمالڊو جو چوڻ هو ته هو هلندڙ سمر ٽرانسفر ونڊو ۾ اسپين واپس اچڻ چاهي پيو ۽ ايٽليٽيڪو ميڊرڊ سندس پهرين ترجيح هئي. جاري فيفا ورلڊڪپ دوران هن وقت تائين اسپين جي اسڪواڊ جي 3 رانديگرن پنهنجون ڪلب ٽيمون تبديل ڪيون آهن، جن ۾ مارڪ ڪوڪوريلا چيلسي مان ريال ميڊرڊ ۽ ونگرو ڪٽر مونيوز اوسا سونا کي ڇڏي ليور پول ۾ شامل ٿيا آهن.