اسلام آباد - پهرين جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي جي خلاف پاڪستان جي جائز، ٽارگيٽيڊ ۽ مناسب ڪاررواين بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بي بنياد بيان کي رد ڪيو آهي. ڀارت جي پرڏيهي وزارت پاران 29 جون تي جاري بيان تي پاڪستان جي ردعمل بابت ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن …
پاڪستان پاران افغانستان ۾ دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي خلاف پاڪستان جي جائز، ٽارگيٽيڊ ۽ مناسب ڪاررواين بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جو بي بنياد بيان رد

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي جي خلاف پاڪستان جي جائز، ٽارگيٽيڊ ۽ مناسب ڪاررواين بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بي بنياد بيان کي رد ڪيو آهي. ڀارت جي پرڏيهي وزارت پاران 29 جون تي جاري بيان تي پاڪستان جي ردعمل بابت ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خلاف پاڪستان جي جائز، ٽارگيٽيڊ ۽ مناسب ڪاررواين جي حوالي سان ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي بي بنياد بيان کي رد ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اهو کل جوڳو بيان اهڙي ملڪ پاران سامهون آيو آهي جيڪو تاريخي طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي، انهن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي گڏيل قومن جي منشور جي خلاف ورزي ڪندي نقصان پهچائيندو رهيو آهي ۽ هو اڃا به گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق کي دٻائي رکيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان جي خلاف سرگرم دهشتگرد گروهن جي مدد ۽ سرپرستي ۾ به سرگرم آهي جيڪا گڏيل قومن جيسلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل پابندين جي نظام جي خلاف روزي آهي ۽ هو مسلسل خطي ۾ امن کي نقصان پهچائڻ واري ڪردار جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي خلاف ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ اشتعال انگيز بيانن کي سنجيدگي سان نه وٺڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي قانون موجب پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا مناسب قدم کڻندو رهيو آهي ۽ اڳتي به کڻندو رهندو.











