صدر آصف علي زرداري پاران ڪينيڊا جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪُون

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪينيڊا جي قومي ڏينهن جي موقعي تي گورنر جنرل لوئيس آربر ۽ ڪينيڊا جي عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع تي جاري ڪيل بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ڪينيڊا سان پنهنجن پُراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي گڏيل احترام، گڏيل مفادن …

اسلام آباد- پهرين جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪينيڊا جي قومي ڏينهن جي موقعي تي گورنر جنرل لوئيس آربر ۽ ڪينيڊا جي عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع تي جاري ڪيل بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ڪينيڊا سان پنهنجن پُراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ مضبوط عوامي رابطن تي ٻڌل آهن. هن ان اعتماد جو اظهار به ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم ۽ عالمي فورمن تي ٻطرفو تعاون وڌيڪ فروغ حاصل ڪندو.