نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم جي ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس، منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم جي ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اداري جي اڳڀرائي جو جائزو ۽ آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر کان متاثر ٻارن جي لاءِ جامع تعليم، شروعاتي مداخلت ۽ معاون خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي …

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم جي ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اداري جي اڳڀرائي جو جائزو ۽ آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر کان متاثر ٻارن جي لاءِ جامع تعليم، شروعاتي مداخلت ۽ معاون خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي قدمن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪستان حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته آٽزم وارن ماڻهن جي لاءِ هڪ جامع ۽ موثر معاون ماحول فراهم ڪيو ويندو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ڪميٽي کي اسلام آباد ۾ آٽزم کان متاثر ٻارن جي لاءِ جديد ترين سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ان شعبي جي ناليوارن ماهرن جي راءِ پڻ طلب ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته خصوصي ٻارن جي ضرورتن موجب معياري تعليم ۽ خدمتن جي فراهمي جي لاءِ عالمي بهترين طريقيڪار کي اختيار ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي ان عزم تي تيزي سان عملدرآمد ڪندي سينٽر آف ايڪسيلينس جلد کان جلد قائم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، تعليم ۽ صحت وارن وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں