چين کي به سنڌ طاس معاهدي جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن ان کي ٽه ڌري فريم ورڪ جي شڪل ڏئي سگهجي: سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن جي صدر وڪٽر گائو جي عالمي سيمينار ۾ تجويز

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن (سي سي جي) جي صدر وڪٽر گائو سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد تي زور ڀريندي تجويز ڏني آهي ته چين کي به ان معاهدي جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن ان کي ٽه ڌري فريم ورڪ جي شڪل ڏئي سگهجي، هن سرحد پار درياهن جي انتظام لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي معاونت سان هڪ عالمي …

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن (سي سي جي) جي صدر وڪٽر گائو سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد تي زور ڀريندي تجويز ڏني آهي ته چين کي به ان معاهدي جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن ان کي ٽه ڌري فريم ورڪ جي شڪل ڏئي سگهجي، هن سرحد پار درياهن جي انتظام لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي معاونت سان هڪ عالمي ضابطا اخلاق جوڙڻ جي به ضرورت تي به زور ڀريو. اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي جي موضوع تي منعقد عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي هن ياد ڏياريو ته گذريل سال جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته هن ڀارتي ٽيليوزن کي ڏنل انٽرويوز ۾ ان موقف جي کليل مخالفت ڪئي هئي. هن چيو ته امن جي زماني ۾ ڪروڙين ماڻهن کي پاڻي کان محروم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه جڏهن ته جنگ دوران اهڙو قدم جنگي ڏوهه جي زمري ۾ اچي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته هن ڀارت کي ان رستي تي نه هلڻ جو مشورو ڏنو هو. وڪٽر گائو چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان سنڌو درياهه جي وهڪري جي اعتبار سان هيٺانهين (ڊائون اسٽريم) ملڪ آهي، جڏهن ته ڀارت به آخري مٿانهين (اپ اسٽريم) ناهي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه جي شروعات هماليائي خطو آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي اهڙو قدم نه کڻڻ گهرجي جنهن کي هو پاڻ خلاف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هجي. هن هڪ ٽي وي انٽرويو جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته جڏهن اينڪر هن کان پڇيو ته ڇا هو ڀارت کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي ته هن جواب ڏنو ته هو صرف عظيم چيني فلسفي ڪنفيوشس جون تعليمون دهرائي رهيو آهي ته ٻين سان اهو سلوڪ نه ڪريو جيڪو توهان پنهنجي پاڻ لاءِ پسند نه ٿا ڪريو. هن چيو ته هن اهو قول انٽرويو ۾ ٽي ڀيرا دهرايو هو ۽ اڄ به ڀارت لاءِ اهو ئي پيغام دهرائي رهيو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جي تقاضا آهي ته سنڌ طاس معاهدي جو مڪمل احترام ڪيو وڃي. هن سيمينار ۾ ٿيل ڳالهين کي فائديمند قرار ڏيندي چيو ته هڪ پيش ڪيل ڪيترن ئي نقطن سان متفق آهي، جڏهن ته هن وڌيڪ تجويزون به پيش ڪيون. چيني ماهر تجويز پيش ڪئي ته چين کي به سنڌ طاس معاهدي ۾ شامل ڪري ان کي ٽه ڌري معاهدو بڻايو وڃي ۽ معاهدي جي شقن مطابق سنڌو درياهه جي نظام ۾ پاڻي جي بنا رڪاوٽ وهڪري کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي علائقائي صورتحال جو ذڪر ڪندي وڪٽر گائو چيو ته آبناءِ هرمز تازي عرصي ۾ ڇڪتاڻ جو مرڪز رهيو جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي کانپوءِ هاڻي اها بحري گذرگاهه ٻيهر کُلي چڪي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جيڪڏهن پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ان ئي رُخ ۾ اڳڀرائي جاري رکن ٿا ته هو مستقبل ۾ نوبل امن انعام جا مضبوط اميدوار بڻجي سگهن ٿا.

مزید خبریں