سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي آبي حقن کي عالمي سطح تي قانوني تحفظ حاصل آهي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي آبي حقن کي عالمي سطح تي قانوني تحفظ حاصل آهي، پاڪستان جا آبي حق اسان جي قومي سلامتي جو هڪ لازمي حصو آهن. اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي تي منعقد ٿيل عالمي سيمينار ۾ اهم ڳالهيون …

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي آبي حقن کي عالمي سطح تي قانوني تحفظ حاصل آهي، پاڪستان جا آبي حق اسان جي قومي سلامتي جو هڪ لازمي حصو آهن. اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي تي منعقد ٿيل عالمي سيمينار ۾ اهم ڳالهيون ٿيون، سيمينار ۾ واضح طور تي ورجاءُ ڪيو ويو ته ڪنهن به عالمي معاهدي کي هڪ طرفو معطل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ جائز قومي حقن جي تحفظ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان امن، مقصد وارين ڳالهين ۽ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام تي پختو يقين رکي ٿو، علائقائي استحڪام ان وقت ممڪن آهي جڏهن عالمي معاهدن ۽ وعدن جو احترام ڪيو وڃي. هن چيو ته هڪ طرفن قدمن ذريعي عالمي معاهدن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون قبولڻ جوڳيون ناهن.

مزید خبریں