سردار اياز صادق جو ٽيوشن سينٽر سانحي ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن اڪيڊمي جي ڇِت ڪرڻ جي واقعي ۾ ڪيترن ئي ٻارن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ڪاهنه ٽيوشن سينٽر سانحي تي دل انتهائي ڏکوئيل آهي. هن فوت ٿيل ٻارن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو …

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن اڪيڊمي جي ڇِت ڪرڻ جي واقعي ۾ ڪيترن ئي ٻارن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ڪاهنه ٽيوشن سينٽر سانحي تي دل انتهائي ڏکوئيل آهي. هن فوت ٿيل ٻارن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته الله تعاليٰ فوت ٿيل ٻارن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن والدين کي صبر عطا ڪري. هن سانحي ۾ زخمي ٻارن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.

مزید خبریں