استادن جي پيشيواراڻي تربيت اعليٰ تعليمي ادارن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، زرعي تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ قومي ترقي، غذائي تحفظ ۽ معاشي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته استادن جي پيشيواراڻي تربيت اعليٰ تعليمي ادارن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جڏهن ته زرعي تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ قومي ترقي، غذائي تحفظ ۽ معاشي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. هو باراني زرعي يونيورسٽي ۽ گڏيل قومن جي اداري (يو اين او ڊي سي) …

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته استادن جي پيشيواراڻي تربيت اعليٰ تعليمي ادارن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جڏهن ته زرعي تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ قومي ترقي، غذائي تحفظ ۽ معاشي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. هو باراني زرعي يونيورسٽي ۽ گڏيل قومن جي اداري (يو اين او ڊي سي) جي ڀائيواري سان منعقد پائيدار امن جي قيام لاءِ زراعت ۾ سماجي ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ جي عنوان سان فيڪلٽي ڊولپمنٽ پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته تربيتي پروگرام جو مقصد استادن جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۾ اضافو، زرعي شعبي ۾ سماجي ڪاروباري رجحانن کي فروغ ڏيڻ، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پائيدار امن لاءِ موثر حڪمت عملين کي هٿي وٺرائڻ آهي. هن چيو ته استادن جي معياري تربيت سان نه صرف تعليمي معيار بهتر ٿيندو آهي، پر نئين نسل کي قومي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي قابل به بڻائي سگهجي ٿو. اورنگزيب خان کچي چيو ته باراني زرعي يونيورسٽي سميت ملڪ جون زرعي يونيورسٽيون غذائي تحفظ ۽ پائيدار زرعي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي هن باراني زرعي يونيورسٽي ۽ يو اين او ڊي سي جي ڀائيواري سان فيڪلٽي ڊولپمنٽ پروگرام جي ڪامياب بندوبست کي ساراهيندي چيو ته اهڙا قدم تعليمي شعبي ۽ قومي ترقي لاءِ نهايت اهم آهن. تقريب دوران شاگردن جي تربيت ۽ ثقافتي ۽ تعليمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي ماتحت لوڪ ورثي واري اداري ۽ باراني زرعي يونيورسٽي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي به صحيحون ڪيون. ان معاهدي تحت شاگردن جي تربيت، ثقافتي آگاهي ۽ عملي مهارتن جي فروغ لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں