اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪِري پوڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪِري پوڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪِري پوڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










