اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) آمريڪي ليکڪ ۽ عالمي پاليسي ماهر لاري واٽڪنز چيو آهي، ته ڀارت طرفان درياهن جي وهڪري بابت انگ اکرن کي روڪڻ ۽ پاڪستان جي لکت واري خط جو جواب نه ڏيڻ عالمي قانون جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ڪا به رياست ڪنهن معاهدي کي معطل قرار ڏئي پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان پوئتي نٿي هٽي سگهي. قانون بابت ويانا ڪنوينشن مطابق …
پاڪستان جي لکت واري خط جو جواب نه ڏيڻ عالمي قانون جي اصولن جي ڀڃڪڙي، ڪا به رياست ڪنهن معاهدي کي معطل قرار ڏئي پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان پوئتي نٿي هٽي سگهي: پاليسي ماهر لاري واٽڪنز

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) آمريڪي ليکڪ ۽ عالمي پاليسي ماهر لاري واٽڪنز چيو آهي، ته ڀارت طرفان درياهن جي وهڪري بابت انگ اکرن کي روڪڻ ۽ پاڪستان جي لکت واري خط جو جواب نه ڏيڻ عالمي قانون جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ڪا به رياست ڪنهن معاهدي کي معطل قرار ڏئي پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان پوئتي نٿي هٽي سگهي. قانون بابت ويانا ڪنوينشن مطابق معاهدن تي نيڪ نيتي سان عمل ڪرڻ گهرجي، اڱاري ڏينهن اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ انسٽيٽيٽوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ سنڌ طاس معاهدو، امن ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ذريعو جي موضوع تي منعقد عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ هن اهم موضوع تي ڳالهائڻ سندس لاءِ فخر لائق آهي ۽ هو ڳالهين جي شروعات هڪ اهڙي حقيقت سان ڪرڻ چاهي ٿي جنهن کان سڀئي واقف آهن ته سنڌ طاس معاهدو عالمي سفارتڪاري جي حقيقي ڪاميابين مان هڪ آهي، هن چيو ته هي معاهدو هڪ انتهائي ڏکئي مقصد لاءِ جوڙيو ويو هو ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ درياهن بابت معاهدا تڪرارن کي روڪڻ لاءِ بڻايا ويندا آهن جڏهن ته مستقل انڊس ڪميشن عالمي معيار مطابق هڪ غيرمعمولي ۽ قدر جوڳو ادارو آهي. هن چيو ته معاهدي تحت گڏيل معائني ۽ تڪرارن جي حل جو هڪ مرحليوار نظام مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي چناب درياهه جي پاڻي جي وهڪري بابت باضابطا خط موڪليا جڏهن ته ڀارت درياهن جي غير مستقل وهڪري بابت ڄاڻ ۽ انگ اکر فراهم نه ڪيا ۽ پاڪستان جي لکت وارن خطن جو جواب به نه ڏنو. هن چيو ته هي صرف هڪ انتظامي يا فني شڪايت نه هئي، هن چيو ته دنيا جي درياهي نظامن جو تجزيو اهو ٻڌائي ٿو ته اهڙي صورتحال خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي جڏهن آبي ڄاڻ جي ڏي وٺ رڪجي وڃي ته بداعتمادي، غلط اندازا ۽ آخرڪار ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته ڪنهن به عالمي آبي معاهدي جي اصل طاقت رابطن جي تسلسل تي ٻڌل هوندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته ان باوجود درياهن جي وهڪري بابت ڄاڻ کي روڪڻ ۽ پاڪستان جي لکت وارن خطن جو جواب نه ڏيڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.هن چيو ته قانون بابت ويانا ڪنوينشن مطابق معاهدن تي نيڪ نيتي سان عمل ڪرڻ گهرجي.










