اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي)پاڪستان بزنس فورم جي چيف آرگنائيزر احمد جواد چيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ سنڌ طاس معاهدي جو برقرار رهڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست جو بنيادي معاهدو آهي، اسلام آباد ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي نه رڳو …
سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي نه رڳو ان جي روح جي ابتڙ آهي پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانده ثابت ٿي سگهي ٿي: احمد جواد

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي)پاڪستان بزنس فورم جي چيف آرگنائيزر احمد جواد چيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ سنڌ طاس معاهدي جو برقرار رهڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست جو بنيادي معاهدو آهي، اسلام آباد ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي نه رڳو ان جي روح جي ابتڙ آهي پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانده ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڻي جي قدرتي وهڪري ۾ ڦير ڦيار يا ان جي انتظام ۾ هڪ طرفا قدم پاڪستان جي زرعي شعبي تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي اٽڪل 80 سيڪڙو زراعت درياهن جي پاڻيءَ تي ڀاڙي ٿي. هن چيو ته پاڻي جهڙي حساس معاملي تي هڪ طرفيون پاليسيون عالمي اعتماد کي به متاثر ڪن ٿيون ۽ رياستن وچ ۾ تعاون جي ماحول کي ڪمزور ڪن ٿيون. هن چيو ته پاڻي جي وسيلن تي تعاون، گڏيل احترام ۽ معاهدن جي پاسداري ئي ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي قيام جو بنياد بڻجي سگهي ٿي. احمد جواد چيو ته جيڪڏهن ڀارت مٿانهين وارن علائقن ۾ وڌيڪ آبي ڍانچا تعمير ڪري ٿو يا اهڙا قدم کڻي ٿو جن سان پاڻي جي وهڪري تي نمايان اثر پون ته ان سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو پيدا ٿيندو. هن زور ڀريو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين کي عالمي معاهدن، ذميوارين ۽ ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولهڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ امن، تعاون ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺائي سگهجي. هن عالمي برادري تي به زور ڀريو ته هو عالمي معاهدن جي احترام، آبي وسيلن جي منصفاڻي انتظام ۽ خطي ۾ پائيدار امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام جي زندگيءَ جي شهه رڳ تي آهي ۽ ان تي ڪنهن به سمجهوتي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.










