ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي باري ۾ ڪو به فيصلو هڪ طرفي طور نٿو ڪري سگهي: حنا رباني کر

اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ ايم اين اي حنا رباني کر چيو آهي، ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي باري ۾ ڪو به فيصلو هڪ طرفي طور نٿو ڪري سگهي. يورپي ملڪن سميت ٻين ملڪن کي ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي سنڌ طاس معاهدي جي موضوع تي منعقد عالمي سيمينار کي …

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ ايم اين اي حنا رباني کر چيو آهي، ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي باري ۾ ڪو به فيصلو هڪ طرفي طور نٿو ڪري سگهي. يورپي ملڪن سميت ٻين ملڪن کي ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي سنڌ طاس معاهدي جي موضوع تي منعقد عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪو به ملڪ گڏيل معاهدن، عالمي قانونن ۽ روايتن کان هڪ طرفي طور  انڪار نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڀارت هڪ ڌوڪيباز  ملڪ آهي هو هڪ پوري تهذيب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو پر اهو ڪيئن ممڪن آهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي آرٽيڪل 12 ۾ واضح آهي ته گڏيل توثيق سان سنڌ طاس معاهدي ۾ ردوبدل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڀارت عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾  مڃيو آهي ته ان معاهدي جي باري ۾ ڪو به ملڪ اڪيلو فيصلي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ مثالي ۽ پائيدار معاهدو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت ٻيا ملڪ موسمياتي تبديلي جو شڪار آهن پر عام ماڻهو کي پاڻي جي محفوظ فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته يورپي ملڪن سميت ٻين ملڪن کي ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں