اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن چيو آهي، ته حڪومت حق جي ويڙهه ۽ سفارتڪاري ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هاڻي پاڪستان کي معيشت جي معرڪي ۾ سوڀ ماڻڻي آهي، ملڪي روانگي واپار کي هاڻي ايٽمي پروگرام جي برابر قومي اهميت ڏيڻي پوندي ۽ معيشت کي پائيدار بنيادن تي گامزن ڪرڻ لاءِ …
حڪومت حق جي ويڙهه ۽ سفارتڪاري ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هاڻي پاڪستان کي معيشت جي معرڪي ۾ سوڀ ماڻڻي آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن چيو آهي، ته حڪومت حق جي ويڙهه ۽ سفارتڪاري ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هاڻي پاڪستان کي معيشت جي معرڪي ۾ سوڀ ماڻڻي آهي، ملڪي روانگي واپار کي هاڻي ايٽمي پروگرام جي برابر قومي اهميت ڏيڻي پوندي ۽ معيشت کي پائيدار بنيادن تي گامزن ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏجي سماجي شعبي کي قومي ايمرجنسي طور اڳيان وڌائينداسين. هو اڱاري ڏينهن رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن جي ماهوار ترقياتي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. احسن اقبال چيو ته مالي سال 26-2025ع دوران ٻوڏ، عالمي واپاري ڇڪتاڻ ۽ وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جهڙين پرڏيهي چئلينجز باوجود پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن رهي. هن ٻڌايو ته مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ معيشت پنهنجي مقرر رفتار سان اڳيان وڌندي رهي جڏهن ته عالمي حالتن، تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن سبب اوسر جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي جيڪا ان جي باوجود گذريل چئن سالن جي بلند ترين معاشي اوسر واري شرح آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته زرعي، صنعتي ۽ خدمتن جي شعبن جي بهتري ڪارڪردگي معاشي استحڪام کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو. زرعي شعبي جي اوسر واري شرح 2.9 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي 4.1 سيڪڙو جڏهن ته صنعتي شعبي جي اوسر واري شرح 3.5 سيڪڙو رهي. لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ ٻن سال کان پوءِ نمايان بحالي آئي ۽ ان شعبي 6.4 سيڪڙو اوسر ڪارڊ ڪئي جڏهن ته 22 مان 16 صنعتي شعبن هاڪاري ڪردار ڏيکاريو. آٽوموبائيل، اليڪٽريڪل اوزار، خوراڪ، شربت، تماڪ، معدني مصنوعات ۽ گارمينٽس جي شعبن ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال، ڪچي تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي ۽ فريٽ چارجز وڌندڙ سبب مهانگائي تي دٻاءُ پيو جڏهن ته حڪومت قومي پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جي هفتيوار اجلاسن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. وزيراعظم مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جا خاص ٽاسڪ ڏنا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روزمرهه استعمال جي شين جي قيمتن ۾و ڌيڪ گهٽتائي لاءِ صوبن سان گڏجي قدم کنيا ويندا. احسن اقبال چيو ته پرڏيهي شعبو مستحڪم رهيو ۽ اوورسيز پاڪستانين جي اعتماد سبب جولاءِ کان مئي تائين ڏيهه موڪليل ناڻو 9.2 سيڪڙو اضافي سان 38.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جڏهن ته مئي ۾ 4.3 ارب ڊالر جو رڪارڊ پرڏيهه موڪيل ناڻو حاصل ٿيو. خدمتن جي روانگي واپار ۾ 17.4 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته آءِ ٽي روانگي واپار ۽ ڏيهه موڪليل ناڻي جي ڪرنٽ اڪائونٽ کي مضبوط بنياد فراهم ٿيو. وفاقي وزير چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 27-2026ع لاءِ 4 سيڪڙو معاشي اوسر واري شرح جو هدف ۽ 3.675 کرب روپين جي قومي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وفاقي پي ايس ڊي پي لاءِ هڪ کرب روپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ منظور ٿيل منصوبن مان اتڪل 10 هزار سڌي ريت ۽ 45 هزار کان وڌيڪ سڌي ريت روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. موثر رٿابندي سبب قومي ناڻي کي 12.1 ارب روپين جي بچت به ٿي آهي. احسن اقبال چيو ته بلوچستان کي علائقائي واپار، سيڙپڪاري، معدنيات، تجديد جوڳي توانائي، زراعت، ماهيگيري ۽ لاجسٽڪس جو اڀرندڙ مرڪز قرار ڏيندطي چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ بلوچستان پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته نئين مالي سال ۾ ڪراچي حيدرآباد ايم نائين جي توسيع، سکر حيدرآباد ڪراچي ايم 6 موٽر وي، چمن ڪوئٽا ڪراچي شاهراه ۽ سي پيڪ جي ايم ايل ون منصوبي تي اڳڀرائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ديا مير ڀاشا ڊيم سببب متاثر ٿيندڙ قراقرم هاءِ وي جي متبادل طور قراقرم هاءِ وي ٽو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري رابطا بنا رڪاوٽ جاري رهي سگهن. اسلام آباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوانٽم ويلي به قائم ڪئي ويندي. اعليٰ تعليم جي حوالي سان هن چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جو جامع جائزو وٺڻ، مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ست نقاطي پرفارمنس آڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان آڊٽ جي رپورٽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن جي روشني ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ جامع سڌارا متعارف ڪرايا ويندا.










