نوجوانن ۾ جهوري شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ سمر انٽرن شپ پروگرام جي شروعات

اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نوجوانن  ۾ جمهوري، آئيني ۽ پارلياماني شعور کي هٿي ڏيڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان ۾ ڇهن هفتن تي ٻڌل سمر انٽرن شپ پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پروگرام جو مقصد ملڪ جي مشهور يونيورسٽين جي شاگردن کي پارلياماني نظام، قانونسازي ۽ پاليسي سازي جي عملي مرحلن کان روشناس ڪرائڻ آهي. ان پروگرام ۾ نيشنل ڊفينس …

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نوجوانن  ۾ جمهوري، آئيني ۽ پارلياماني شعور کي هٿي ڏيڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان ۾ ڇهن هفتن تي ٻڌل سمر انٽرن شپ پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پروگرام جو مقصد ملڪ جي مشهور يونيورسٽين جي شاگردن کي پارلياماني نظام، قانونسازي ۽ پاليسي سازي جي عملي مرحلن کان روشناس ڪرائڻ آهي. ان پروگرام ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد، فاسٽ نيشنل يونيورسٽي، قائداعظم يونيورسٽي، بحريه يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي باصلاحيت شاگرد شريڪ آهن.  انٽرن شپ دوران شاگردن کي سينيٽ جي اجلاسن، قانونسازي جي عمل، اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪارروائي، پارلياماني نگراني، عوامي پاليسي سازي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي انتظامي  معاملن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو ملندو ته جيئن هو پارلياماني جمهوريت ۽ رياستي ادارن جي ڪردار کي بهتر  انداز ۾ سمجهي سگهن. پروگرام جي شروعات کان اڳ 22 کان 29 جون 2026ع تائين پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جي انتظام هيٺ هڪ هفتي تي ٻڌل اورنيٽيشن پروگرام به منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي پارلياماني نظام ۽ قانونسازي جي مختلف رخن کان آگاهه ڪيو ويو.  سينيٽ سيڪريٽريٽ  شاگردن تي زور ڀريو ته هو انٽرن شپ دوران پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ لگن سان انجام ڏين، سينيٽ جي طريقيڪار  مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ مستقبل ۾ ملڪ جي ترقي ۾ موثر ڪردار ادا ڪن. بعد ۾ سينئر  آفيسرن انٽرنيز کي سينيٽ آف پاڪستان جي انتظامي ۽ قانون ساز معاملن تي تفصيلي بريفنگ به ڏني. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته نوجوانن کي جمهوري ادارن سان سڌي ريت جوڙڻ ذميوار شهرين ۽ مستقبل جي قيادت جي تياري لاءِ اڻٽر آهي. انٽرنيز  ان قدم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته انٽرن شپ جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ کيس پارلياماني نظام ۽ قانونسازي جي عمل بابت قيمتي عملي تجربو حاصل ٿيندو.

مزید خبریں