آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرناڪ رجحان آهي، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سامونڊي گذرگاهن يا آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرناڪ رجحان آهي، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. پاڪستان جي آبي حقن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش جو قومي سطح تي جواب ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سامونڊي گذرگاهن يا آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرناڪ رجحان آهي، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. پاڪستان جي آبي حقن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش جو قومي سطح تي جواب ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ طاس معاهدي بابت عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڻي صرف جاگرافيائي نه پر خوراڪ، مستقبل ۽ زندگي جو سوال آهي، دنيا کي احساس ٿي چڪو آهي ته پاڻي جا وسيلا عالمي سياست ۽ سلامتي جو مرڪز بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته جهڙي طرح آبناءِ هرمز جي بندش عالمي معيشت کي متاثر ڪندي آهي، اهڙي طرح سنڌو درياهه جو پاڻي پاڪستان جي زندگي جي ضمانت آهي، سامونڊي گذرگاهن يا آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرناڪ رجحان آهي، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. هن چيو ته پاڪستان جنگبندي جي شرطن تي عمل ڪيو جڏهن ته ڀارت پنهنجي وعدن جي مڪمل پاسداري نه ڪئي، سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي حصي جي پاڻي جو تحفظ يقيني بنائڻ گهرجي، سنڌو درياهه صرف هڪ درياهه نه پر ڪروڙين شهرين جي زندگي، زراعت ۽ معيشت جو ذريعو آهي.  بلاول ڀٽو چيو ته سنڌو، جهلم ۽ چناب جي پاڻي تي پاڪستان جو حق عالمي معاهدي تحت تسليم ٿيل آهي، پاڻي جي معاملي کي صرف فني تڪرار نه پر قومي سلامتي جي مسئلي طور ڏٺو ويندو آهي، پاڪستان جي آبي حقن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش جو قومي سطح تي جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي عوام جي بنيادي حقن ۽ آبي مفادن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو، ڪروڙين عوام جي پاڻي جي حق جي تحفظ تي سڄي پاڪستاني قوم متحد آهي، پاڻي جو سياسي دٻاءُ سان هٿيار طور استعمال عالمي قانونن ۽ معاهدن جي ابتڙ آهي.

مزید خبریں