اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وسيلن ۽ آبادي ۾ توازن ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي، تيزي سان وڌندڙ آباديءَ سان قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ اهو ترقي جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آباديءَ جي ڀلائي جي حوالي سان اهم اجلاس …
وسيلن ۽ آبادي ۾ توازن ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي، تيزي سان وڌندڙ آباديءَ ترقي جي لاءِ وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وسيلن ۽ آبادي ۾ توازن ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي، تيزي سان وڌندڙ آباديءَ سان قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ اهو ترقي جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آباديءَ جي ڀلائي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آباديءَ جي منصوبابندي کي قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ انساني وسيلن جي بهتري سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو افتتاحي اجلاس جلد کان جلد گهرائڻ ۽ قومي سطح تي آباديءَ بابت پاليسي سازي جي لاءِ نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو تنظيمي ڍانچو جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جي پاڻ سربراهي ڪندو، نيشنل پاپوليشن ڪائونسلن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ ٻيون ڌريون شامل هونديون. اجلاس کي ملڪ جي وڌندڙ آباديءَ ۽ ڪنٽرول ۽ ڀلائي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سماجي تحفظ جي پروگرامن کي خانداني منصوبابندي سان ڳنڍيو ويندو، عورتن جي تعليم ۽ انهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ آباديءَ تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو اهم جز هوندو، آباديءَ ۾ توازن ۽ ضابطي تي موثر آگاهي مهم هلائي ويندي، اسلامي ملڪن بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ايران ۾ آباديءَ تي ضابطي جا ڪامياب پروگرام هلي رهيا آهن، قومي پاپوليشن ڪائونسل صوبائي حڪومتن جي تعاون سان قومي سطح تي موثر مهم هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو سيڪريٽريٽ منصوبابندي واري وزارت ۾ هوندو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











