اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سرحد پار آبي وسيلن جي ترتيب ۽ انتظام لاءِ هڪ پابند عالمي معاهدي جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته دنيا کي صرف موسمياتي يا آبي بحران جو نه پر انصاف جو بحران سامهون آهي، جتي هيٺانهين ۾ رهندڙ آبادين جا روزگار، غذائي تحفظ ۽ بنيادي حق خطري ۾ آهن. اڱاري …
ڪير به پاڪستان جو پاڻي نٿو روڪي سگهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سرحد پار آبي وسيلن جي ترتيب ۽ انتظام لاءِ هڪ پابند عالمي معاهدي جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته دنيا کي صرف موسمياتي يا آبي بحران جو نه پر انصاف جو بحران سامهون آهي، جتي هيٺانهين ۾ رهندڙ آبادين جا روزگار، غذائي تحفظ ۽ بنيادي حق خطري ۾ آهن. اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدو: امن ۽ علائقائي استحڪام جو اهم ذريعو جي عنوان سان منعقد عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير موسمياتي آفتن جي انساني اثرن کي پاڪستاني آبادگارن اقبال سولنگي جي ڪهاڻي ذريعي اجاگر ڪيو جن جو خاندان ست کان اٺ نسلن کان هارپي سان واڳيل هو پر هر هر ايندڙ ٻوڏ انهن جون زندگيون تباهه ڪري ڇڏيون. هن چيو ته اقبال سولنگي جي زرعي زمين 2010ع جي ٻوڏ ۾ تباهه ٿي. ٻيهر آباد ٿيڻ کان پوءِ 2012ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ ان کي متاثر ڪيو. هن ڪجهه وقت پنهنجي خاندان جي ڪفالت لاءِ هارپو ڇڏي ڏنو پر پاڻي لهي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر ٻني ٻاري جو ڪم شروع ڪيو، جڏهن ته 2022ع جي ٻوڏ ان جي زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر اجاڙي ڇڏي، سندس مال، گهر ۽ ٻارن جا اسڪول لڙهي ويا، خاندان بي گهر ٿيو ۽ آخرڪار هن ٻني ٻاري جو ڪم ڇڏي ڪراچي ۾ مزدوري اختيار ڪري ورتي. مصدق ملڪ چيو ته اقبال سولنگي جي ڪهاڻي منفرد ناهي پر سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي زندگين جي عڪاسي آهي. هن چيو ته بنگلاديش جا آبادگار زراعت ۽ ماهيگيري لاءِ پاڻي جي وهڪري تي ڀاڙن ٿا پر جڏهن پاڻي نٿو پهچي ته ملاح بکيا رهجي وڃن ٿا ۽ آبادگار پنهنجي زمين تي پوکائي نٿا ڪري سگهن. هن آفريقا جي سامونڊي خطي جي عورتن جو به ذڪر ڪيو جيڪي مٿانهن وارن علائقن ۾ پاڻي جو وهڪرو رڪجي وڃڻ سبب درياهه سڪي وڃڻ کان پوءِ روزانو اٽڪل چار ميل جو سفر طي ڪري صرف هڪ بالٽي پاڻي حاصل ڪندا آهن. وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جون ڪهاڻيون نيل درياهه، دجله جي ڌٻڻ وارن علائقن، اڳوڻي ارال ۽ ميڪانگ سمنڊن ۾ به ملن ٿا جيڪي هڪ عالمي مسئلا جون مختلف صورتون آهن. مصدق ملڪ مراله وپاري هنڌ پاڻي جي وهڪري ۾ لاهن چاڙهن جو حوالو ڏيندي چيو ته بنا برسات جي پاني جو مقدار 1500 ڪيوسڪ کان وڌي 78 هزار ڪيوسڪ ٿيو ۽ وري ٻيهر 1500 ڪيوسڪ تي اچي ويو جنهن جو واحد ممڪنه سبب اهو ئي آهي ته پاڻي جي وهڪري کي ڪو ٻيو ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اٽڪل اڌ آبادي يعني تقريبن 12 ڪروڙ ماڻهو زراعت، تي ڀاڙن ٿا جڏهن ته ملڪي مجموعي قومي پيداوار جو اٽڪل هڪ ڀاڱي چار حصو ۽ پورو غذائي تحفظ پاڻي جي دستيابي سان وابسته آهي. هن زور ڀريو ته ان مسئلي کي صرف موسمياتي تبديلي يا پاڻي جي کوٽ نه پر انصاف جي مسئلي طور ڏسڻ گهرجي. وفاقي وزير موسمياتي تبديلي کي آبي بحران سان ڳنڍيندي چيو ته اهو ئي پاڙيسري ملڪ جيڪو پاڻي جي وهڪري تي ڪنٽرول جي دعويٰ ڪري ٿو، دنيا جو ٽيون وڏو آلودگي پکيڙيندڙ ملڪ به آهي. هن چيو ته گرين هائوس گئسن جي نيڪال سان عالمي گرمي پد وڌي رهيو آهي. گليشيئر پگهرجي رهيا آهن ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ بوڏ جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل 15 سالن ۾ ان جي نتيجي ۾ 6 هزار ماڻهو فوت، 19 هزار زخمي يا معذور ٿيا جڏهن ته 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا. هن چيو ته ڊگهي بي دخلي سبب تعليم به شديد متاثر ٿي ۽ اندازن 3 مهينن جي بي دخلي جي نتيجي ۾ 1.8 ارب تدريسي ڏينهن ضايع ٿيا. هن چيو ته پرڏيهي فيصلا نه رڳو ٻوڏن جي وقت جو تعين ڪندا آهن پر اهو به طئي ڪندا آهن ته پاڻي ڪڏهن روڪيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ زرعي زمينون خشڪ ٿي مستقل طور تي غير پيداواري بڻجي وڃن ٿيون. سنڌ طاس معاهدي جو ذڪر ڪندي مصدق ملڪ چيو ته هي دنيا جي مضبوط ترين معاهدن مان هڪ آهي جيڪو ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ 3 جنگين باوجود برقرار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو معاهدو برقرار نه رهيو ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ قائم ٿيندڙ عالمي معاهداتي نظام جي ساک به متاثر ٿيندي. هن چيو ته بعد ۾ هڪ عدالتي فيصلي آبي ڍانچي جي ڊزائن ۽ آپريشن لاءِ فني حدون مقرر ڪيون ۽ واضح ڪيو ته ڪو به ملڪ هڪ طرفي طور اهو طئي نٿو ڪري سگهي ته پاڻي ڪيئن روڪي يا منظم ڪري. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ عدالت جي دائره اختيار کي مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن سان عالمي قانوني ادارن جي اختيار ۽ عالمي قاعدن تي ٻڌل نظام جي مستقبل تي سوال اٿن ٿا. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ کي عالمي عدالتن ۽ معاهدن کي نظر انداز ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان جا اثر پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا اڳتي نڪري ويندا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ ڪير به پاڪستان جو پاڻي نٿو روڪي سگهي. پر سوال اهو آهي ته دنيا جي باقي ملڪن جو ڇا ٿيندو. مصدق ملڪ چيو ته نيڌرلينڊ، پرتگال، ڊينيوب درياهه، نيل درياهه ۽ ٻيا گڏيل آبي نظام ان حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿا ته دنيا جو اٽڪل هر ملڪ ڪنهن نه ڪنهن ٻئي ملڪ جي هيٺانهين ۾ واقع آهي. هن چيو ته جيڪو نظريو قائم ڪيو پيو وڃي اهو هيٺانهين وارن ملڪن کي سندن آبي حقن کان محروم ڪري ڇڏيندو ۽ اربين ماڻهن کي اثرائتي قانوني تحفظ کان محروم ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته اهو معاملو رڳو پاڪستان جو ناهي پر هيٺانهين وارن ملڪن جي آبي حقن جو عالمي امتحان آهي. هن سوال ڪيو ته جڏهن واپار ۽ ايٽمي عدم پکيڙ لاءِ عالمي ادارا ۽ قانوني فريم ورڪ موجود آهي ته پاڻي، زراعت، غذائي تحفظ ۽پيئڻ جي پاڻي لاءِ اهڙي نوعيت جا پابند عالمي قاعدا موجود ڇو ناهن. اجتماعي عالمي قدمن تي زور ڀريندي وفاقي وزير ماهرن ۽ پاليسيون ٺاهيندڙن تي زور ڀريو ته هوگڏيل قومن جي فورمز تي منظور ٿيل غير پابند اعلانن کان اڳتي وڌن. هن چيو ته اهڙو عالمي معاهدو هئڻ گهرجي جنهن جا سياسي، اقتصادي ۽ سفارتي نتيجا هجن ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها هاڻي قدم کڻي نه ته هميشه لاءِ خاموش رهڻ لاءِ تيار رهي.











