اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته پارليامينٽ جو عالمي ڏينهن جمهوري ادارن جي مضبوطي، آئيني بالادستي ۽ عوامي نمائندگي جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي. پي پي پي هر دور ۾ پارليامينٽ جي خودمختياري ۽ جمهوري تسلسل لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ شيري رحمان چيو …
پارليامينٽ جو عالمي ڏينهن جمهوري ادارن جي مضبوطي، آئيني بالادستي ۽ عوامي نمائندگي جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي: سينيٽر شيري رحمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته پارليامينٽ جو عالمي ڏينهن جمهوري ادارن جي مضبوطي، آئيني بالادستي ۽ عوامي نمائندگي جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي. پي پي پي هر دور ۾ پارليامينٽ جي خودمختياري ۽ جمهوري تسلسل لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ شيري رحمان چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي سياسي شعور، آئيني حق ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جو رستو ڏيکاريو. شهيد بينظير ڀٽو به جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي حڪمراني جي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون. هن چيو ته مضبوط پارليامينٽ ئي عوامي امنگن جي قانونسازي ۽ قومي پاليسي ۾ اثرائتي انداز ۾ پوئي سگهي ٿي. اختلاف راءِ جو احترام ڳالهيون ۽ آئيني رستو ئي جمهوري معاشرن جي اصل قوت آهي. هن جو چوڻ هو ته عورتون، نوجوان ۽ سمورن طبقن جي بامعنيٰ شموليت سان ئي جمهوري نظام وڌيڪ مستحڪم ٿي سگهي ٿو، پيپلز پارٽي عوامي حقن، آئين جي سربلندي، ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پارليامينٽن وچ ۾ تعاون، گڏيل احترام ۽ گڏيل ڪوششون پائيدار امن جو بنياد آهن.











