اسلام آباد _ 30 جون (اي پي پي) اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (آئيسڪو) چيو آهي ته اسلام آباد ۾ طلب مطابق بجلي نه ملڻ سبب ريجن ۾ عارضي لوڊمينيجمينٽ جاري آهي. اڱاري ڏينهن جاري بيان ۾ آئيسڪو ترجمان چيو ته ريجن ۾ بجلي جي موجوده طلب 2327 ميگا واٽ آهي . نيشنل گرڊ مان طلب مطابق بجلي جي ڪوٽه ملڻ شرط ئي لوڊ مينيجمينٽ ختم ڪيو ويندو. آئيسڪو بجلي …
اسلام آباد ۾ طلب مطابق بجلي نه ملڻ سبب ريجن ۾ عارضي لوڊمينيجمينٽ جاري آهي: آئيسڪو
اسلام آباد _ 30 جون (اي پي پي) اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (آئيسڪو) چيو آهي ته اسلام آباد ۾ طلب مطابق بجلي نه ملڻ سبب ريجن ۾ عارضي لوڊمينيجمينٽ جاري آهي. اڱاري ڏينهن جاري بيان ۾ آئيسڪو ترجمان چيو ته ريجن ۾ بجلي جي موجوده طلب 2327 ميگا واٽ آهي . نيشنل گرڊ مان طلب مطابق بجلي جي ڪوٽه ملڻ شرط ئي لوڊ مينيجمينٽ ختم ڪيو ويندو. آئيسڪو بجلي جي فراهمي ۾ آيل عارضي رڪاوٽ سبب صارفين سان معذرت ڪندي چيو ته صارفين معلومات يا شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ هيلپ لائن نمبر 118 تي ڪال ڪن.












