اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي شهه رڳ آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي هڪ طرفي ترميم، ختم ڪرڻ يا معطلي ممڪن نه آهي، ڀارت پاران هڪ طرفي طور معاهدي کي معطل ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ويون، جنهن جي ڪري انهن کي مختلف عالمي فورمن تي …
سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي شهه رڳ آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي هڪ طرفي ترميم، ختم ڪرڻ يا معطلي ممڪن نه آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي شهه رڳ آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي هڪ طرفي ترميم، ختم ڪرڻ يا معطلي ممڪن نه آهي، ڀارت پاران هڪ طرفي طور معاهدي کي معطل ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ويون، جنهن جي ڪري انهن کي مختلف عالمي فورمن تي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان پاڻي جي حق جي تحفظ لاءِ هر سطح تي قدم کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ "سنڌ طاس معاهدو، امن ۽ علائقائي استحڪام جو هڪ اهم ذريعو” جي موضوع تي عالمي سيمينار جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اڳوڻو وفاقي وزير خرم دستگير خان، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو اڳوڻو صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عامر رياض، انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جو صدر سفير جوهر سليم، قانون وارو اڳوڻو وفاقي وزير احمد بلال صوفي، سنڌ طاس معاهدي بابت ڪمشنر سيد مهر علي شاهه ۽ پاڻي بابت عالمي ماهر پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اسان رڳو سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهه ٻولهه نه پيا ڪريُون پر پاڪستان جي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي ساهه جي رڳ بابت ڳالهائي رهيا آهيون، سنڌ جي تهذيب اسان جي قومي سُڃاڻپ جو بنياد ۽ هڪ قوم طور اسان جي سُڃاڻپ آهي، اسان هِن عظيم تهذيب جا وارث آهيُون، اسان سنڌو درياءَ ۽ ان جي مددگار درياهن جي ڪنارن تي رهندڙ قوم آهيون. هن چيو ته پاڻي ئي زندگي آهي ۽ سنڌو درياءَ پاڪستان کي زندگي ڏني آهي. هن چيو ته سنڌو درياءَ اسان جي ساهه جي رڳ آهي ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ ماڻهن کي ان جي پاڻي تي هٿ نه کڻڻ جهڙو حق حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ پاڻي صرف هڪ وسيلو نه پر زندگي جو معاملو آهي، سنڌو درياءَ جو پاڻي جو نظام صدين کان دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ کي سيراب ڪندو آيو آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي بلند چوٽين کان وٺي پنجاب ۽ سنڌ جي زرخيز ميدانن تائين، هي پاڻي اسان کي جاگرافي ۽ تاريخ سان ڳنڍيندو آيو آهي. پاڪستان جي ڪهاڻي ڪيترن ئي حوالن سان سنڌو درياءَ جي ئي ڪهاڻي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1960ع جو سنڌ طاس معاهدو عالمي لاڳاپن ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. عالمي بينڪ جي سرپرستي ۾ طئي ٿيندڙ هي معاهدو جنگين، سياسي اٿل پٿل ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن جي باوجود قائم رهيو آهي. هن چيو ته ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين هن معاهدي جي مضبوطي ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي ته تعاون، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي واعدن جي پاسداري ئي امن جو واحد مضبُوط رستو آهي. هي معاهدو قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جو هڪ نمايان مثال آهي جيڪو نيڪ نيتي جي اصُولن، معاهدن جي احترام ۽ پر امن طريقن سان تڪرارن جي حل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اهي صرف قانوني تصور نه آهن پر اهي بنياد آهن جن تي اعتماد قائم ٿيندو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف مختلف موقعن تي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي حق حاصل آهي ۽ سنڌ طاس معاهدي ۾ نه ته هڪ طرفي طور تي ترميم ڪري سگهجي ٿي، نه ان کي ختم، معطل يا غير موثر ڪري سگهجي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته هي معاهدو گڏيل رضامندي سان وجُود ۾ آيو هو ۽ ان ۾ ڪنهن به ترميم يا نظرثاني لاءِ صرف گڏيل رضامندي کي گهربل آهي. هن چيو ته ڀارت پاران هن معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي ۽ عالمي سطح تي قانوني فورمن سميت مختلف فورمن تي کيس شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته جيڪو ڍانچو ڪمزور بنيادن تي ٺهيل هُجي اهو آخرڪار پٽ پئجي ويندو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي زير چيو ته هِن وقت جڏهن موسمياتي تبديلي جي رفتار تيز ٿي رهي آهي، گليشيئر غير معمولي رفتار سان وگهري رهيا آهن ۽ پاڻي جي کوٽ اسان جي دور جو هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهي آهي، هن معاهدي جي تحفظ جي ضرورت وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن چيو ته ان ضرورت تحت، اڄ هن فورم تي عالمي ماهرن کي گڏ ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڻي جي اهميت، ماحولياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ طاس معاهدي جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا دنيا جي آبادي جو تقريبن چوٿون حصي جو ڳڙهه آهي. اسان جي گڏيل مستقبل جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اسان پاڻي جي معاملي کي تڪرار بدران تعاون جي ذريعي ۾ تبديل ڪريُون. هن چيو ته تاريخ اهو سبق ڏئي ٿي ته درياءَ تهذيبن کي ورهائيندا ناهن پر انهن کي ڳنڍيندا آهن. هن چيو ته درياهه سرحد، سياست ۽ نسلن کان مٿانهان هُوندا آهن. هن چيو ته فطرت سرحدن کي تسليم نٿي ڪري ۽ انسانيت جا گڏيل چئلينج گڏيل حل جا گهرجائُو آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڻي کي روڪڻ يا بند ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش سدائين ناڪام ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي وٺندو آهي. هن چيو ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ يا طئه ٿيل انتظامن ۾ هڪ طرفي تبديلي جي ڪوشش نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي ٿي پر عالمي قانون جي وسيع فريم ورڪ کي به متاثر ڪري ٿي. هن چيو ته عالمي معاهدن کي سهُولت مُوجب معطل يا نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، معاهدن جو احترام قومن جي وچ ۾ اعتماد برقرار رکڻ عالمي نظم کي قائم رکڻ لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين پرامن رابطن، تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ معاهدن جي ايمانداري نموني لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم رهيو آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن پاڪستان جي پاڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان جي قومي قيادت پاڪستان جي عوام جي پاڻي جي حق کي محفوظ بڻائڻ لاءِ موثر جواب ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ان ڏس ۾ ميڊيا ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن جي ڪردار کي تسليم ڪري ٿي، غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ بيانيي جي دور ۾ ضروري آهي ته حقيقتون ڪوڙي بيانيي تي ۽ سچائي پروپيگنڊا تي حاوي هُجي. هن چيو ته ذميواراڻي ميڊيا سمجھ، امن کي فروغ ڏيڻ ۽ اعتماد سازي جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته هن سيمينار ذريعي، سڄي دنيا مان ناليوارن پاليسي سازن، قانوني ماهرن، تعليمي ماهرن ۽ پيشيور ماڻهن کي گڏ ڪيو ويو آهي، جن جي گڏيل بصيرت ۽ رايا يقيني طور تي اسان جي سمجھ کي بهتر بڻائيندي هن اهم عالمي معاهدي جي تحفظ ۽ مضبوطي لاءِ قيمتي سفارشن جي تياري ۾ مدد فراهم ڪندا. هن چيو ته اڄ اسان کي ان عزم کي ورجائڻ گهرجي ته اسان هر صورت ۾ نه رڳو هن معاهدي جي تقدس جو تحفظ ڪنداسين پر پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي سنڌو درياهه جي پاڻي تي هٿ نه کڻڻ جهڙي حق جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي هزارين سالن کان وهي رهيو آهي، هُن تبديلين جو مُشاهدو ڪيو آهي، هيءَ اڄ به بنا ڪنهن رڪاوٽ جي زندگي کي سهارو ڏيئي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان ان پاڻي کي ايندڙ نسلن لاءِ امن ۽ گڏيل خوشحالي جي علامت طور برقرار رکُون. هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۽ سڀني حصيدارن کي هن سيمينار جي انعقاد تي خراج تحسين پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان پاڪستان جي عوام جي پاڻي تي حق کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني عالمي فورمن تي ڪوششون ڪنداسين، ڀارت طرفان ان معاهدي ۾ تبديلي يا ان کي هڪ طرفي طور تي تبديل ڪرڻ جُون غير قانوني ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جيڪي ممڪن نه آهن. هن چيو ته پاڻي جو حق سدائين مقدس رهندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي، زراعت اسان جي ملڪ جي ريڙهه جي هڏي آهي. هن چيو ته اسان ماحولياتي تبديلي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، تنهن هُوندي به اسان کي اڄ اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته هي معاهدو برقرار رهندو ۽ پاڪستان سنڌو درياهه سان ڳنڍيل پاڪستانين جي روزگار ۽ زندگين جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.











