اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز جي نئين انتظاميه تحت پنهنجي نئين دور جي شروعات ڪندي عزم ظاهر ڪيو آهي، ته ٻيڙي جي جديدڪاري، ڊجيٽل تبديلي ۽ 125 ارب روپين جي نئين سيرپڪاري ذريعي قومي ايئر لائين کي ٻيهر عالمي معيار جو پريمئم ڪيريئر بڻايو ويندو. پي آءِ اي جي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن پاران سومر ڏينهن جاري بيان موجب پي آءِ اي ايڪويٽي لميٽڊ باضابطا …
هڪ سئو پنجويهه ارب روپين جي نئين سيڙپڪاري ذريعي قومي ايئر لائين کي ٻيهر عالمي معيار جو پريمئم ڪيريئر بڻايو ويندو: پي آءِ اي انتظاميه

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز جي نئين انتظاميه تحت پنهنجي نئين دور جي شروعات ڪندي عزم ظاهر ڪيو آهي، ته ٻيڙي جي جديدڪاري، ڊجيٽل تبديلي ۽ 125 ارب روپين جي نئين سيرپڪاري ذريعي قومي ايئر لائين کي ٻيهر عالمي معيار جو پريمئم ڪيريئر بڻايو ويندو. پي آءِ اي جي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن پاران سومر ڏينهن جاري بيان موجب پي آءِ اي ايڪويٽي لميٽڊ باضابطا طور تي قومي ايئر لائين جو انتظام سنڀاليو آهي. هي ڪنسوريشم پاڪستان جي مشهور صنعتي ۽ مالياتي ادارن، جن ۾ عارف حبيب ڪارپوريشن، فاطمه فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽڊ، فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽڊ، ليڪ سٽي هولڊنگز (پرائيويٽ) لميٽڊ، دي سٽي اسڪول (پرائيويٽ) لميٽڊ ۽ اي ڪي ڊي گروپ هولڊنگز شامل آهن، تي ٻڌل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته نئون انتظامي ڍانچو روايتي بيورو ڪريٽڪ رڪاوٽن کي گهٽ ڪرندي تيز، اثرائتو ۽ ڪاروباري گهُرجن سان هم آهنگ فيصلا سازي کي هٿي ڏيندو، جنهن سان پي آءِ اي کي عالمي معيار جي ايئر لائين بڻائڻ جي راهه هموار ٿيندي. ان موقعي تي نئين انتظاميه جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو چڱي ريت ڄاڻي ته هڪ قوم جو اعتماد مسلسل معياري خدمتن، بهتر ڪارڪردگي ۽ هر سفر سان گڏ حاصل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته نئين انتظاميه ان ذميواري کي پوري عزم سان نڀائيندي.










