اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم ۽ حبس رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، ميداني علائقن ۾ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم ۽ حبس رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين، نوڪنڊي ۾ 48، نورپور ٺل، ڀکر، سبي ۾ 46، دادو، جهنگ، سرگوڌا، اٽڪ، ڊيره اسماعيل خان ۽ بنون ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي چيو آهي ته موسمي گهٽ دٻاءُ اتر اولهه بلوچستان تي موجود آهي. 30 جون (شام/ رات) کان ملڪ جي اولهندي ۽ مٿانهين حصن ۾ اولهه واري لهر جي داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.










