اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل کي صحيح معنى ۾ زرعي تحقيق جو مرڪز بڻائڻ ۽ صوبن جي مشاورت سان جامع قومي زرعي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي شعبو پاڪستان کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ …
وزيراعظم پاران صوبن جي مشاورت سان جامع قومي زرعي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل کي صحيح معنى ۾ زرعي تحقيق جو مرڪز بڻائڻ ۽ صوبن جي مشاورت سان جامع قومي زرعي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي شعبو پاڪستان کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي نئين سر جوڙجڪ ۽ زرعي شعبي ۾ سڌارن بابت اهم جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، وزيراعظم جو زراعت بابت ڪوآرڊينيٽر احمد عمير ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي صوبن جي مشاورت سان جامع قومي زرعي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ ۽ زرعي شعبي ۾ ايپڪس فورم قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اهو فورم ايگريڪلچر انوويشن ۽ گروٿ پلان تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ماهوار اجلاس منعقد ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زرخيز – اي زرعي قرض پروگرام بابت ملڪ گير آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن آبادگارن کي آسان زرعي قرضن تائين پهچ وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل کي صحيح معنى ۾ زرعي تحقيق جو مرڪز بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته زرعي شعبو پاڪستان کي پائيدار معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، بهترن ٻج، جديد زرعي ٽيڪنالاجي، پاڻي ۽ ڀاڻ جي وقت سر ۽ مناسب فراهمي سان في ايڪڙ پيداوار وڌندي. وزيراعظم زرعي جنسن جي ويليو ايڊيشن، بهتر ويئر هائوسنگ ۽ جديد ذخيره سازي جي نظام تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي زرعي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل ايگريلچرل ريسرچ سينٽر پاران آزمائشي بنيادن تي ملٽي گرين اٽي جي تياري جاري آهي، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ايپ تيار ڪئي پئي وڃي جيڪا آبادگارن کي جيتن ۽ فصل ۾ بيمارين جي موثر تدارڪ ۾ مدد فراهم ڪندي. بريفنگ موجب نيشنل ڪريڊٽ گارنٽي ڪمپني لميٽيڊ آبادگارن جي آسان قرضن تائين پهچ جي لاءِ فنڊز مهيا ڪندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نيشنل سيڊ پاليسي ۽ نيشنل ايگريڪلچر بائيو ٽيڪنالاجي پاليسي تازو ئي منظور ٿي چڪيون آهن، پاڪستان نيشنل اوليو ويليو چين پاليسي تي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. ڪڻڪ بابت قومي پاليسي ۽ لائيو اسٽاڪ بابت ڪيترين ئي پاليسين تي مشاورت جاري آهي.










