اسلام آباد - 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم اسٽريٽجڪ معاملو آهي، ان حوالي سان پاڪستان جي موقف کي نه رڳو عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو پر ان جي توثيق پڻ ڪئي وئي، پاڻي تحفظ پاڪستان جو قانوني ۽ جائز حق آهي، عالمي فورمز تي پاڪستان جي موقف کي نمايان …
سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم اسٽريٽجڪ معاملو آهي، پاڻي تحفظ پاڪستان جو قانوني ۽ جائز حق آهي، ڀارت کي هر فورم تي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم اسٽريٽجڪ معاملو آهي، ان حوالي سان پاڪستان جي موقف کي نه رڳو عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو پر ان جي توثيق پڻ ڪئي وئي، پاڻي تحفظ پاڪستان جو قانوني ۽ جائز حق آهي، عالمي فورمز تي پاڪستان جي موقف کي نمايان سگهه ملي آهي جڏهن ته ڀارت کي هر فورم تي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، سنڌ طاس معاهدو مڪمل طور تي لاڳو آهي، ان کي هڪطرفو معطل نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ترميم ڪري سگهجي ٿي، ان معاهدي جي مختلف رخن کان آگاهي جي لاءِ اسلام آباد ۾ پهريون عالمي سيمينار منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سڄي دنيا مان پاڻي ۽ قانوني ماهر شرڪت ڪندا. سومر ڏينهن موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي نه رڳو عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي پر ان جي توثيق پڻ ڪئي وئي آهي ته پاڻي تحفظ پاڪستان جي لاءِ نه رڳو انتهائي اهم آهي پر اهو پاڪستان جو قانوني ۽ جائز حق به آهي. هن چيو ته قانوني موقف سان پڻ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي نمايان سگهه ملي آهي ڇو ته ان معاهدي کي نه هڪطرفي طور تي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان ۾ ڪنهن قسم جي ترميم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي ۾ واضح فريم ورڪ جوڙيل آهي جيڪو مڪمل طور تي لاڳو آهي ۽ ان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي.اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هر فورم تي واضح ڪيو آهي ته پاڻي پاڪستان جي لائيف لائين ۽ ريڊ لائين آهي ۽ ان تي پاڪستاني عوام جو حق آهي. هن چيو ته پاڻي بابت معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت باقاعده طور تي تسليم ڪيو هو جيڪو اڄ به لاڳو آهي. ڀارت کي مختلف عالمي فورمز تي ان معاملي تي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن ته ان جي موقف کي ڪنهن هڪ فورم تي به تسليم نه ڪيو ويو. هن چيو ته سڀاڻي اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان هڪ عالمي سيمينار منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سڄي دنيا مان پاڻي ۽ قانوني ماهر شرڪت ڪندا. هن چيو ته سيمينار ۾ سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي پاڻي ۽ دريائن تي حاصل حقن، ان جي قانوني حيثيت ۽ معاهدي جي مختلف رخن بابت آگاهي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون عالمي سيمينار آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ مان ڪيترائي ماهر ۽ مهمان پاڪستان پهچي چڪا آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي ماهرن سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ حق کي تسليم ڪيو آهي جيڪا بيانيي جي محاذ تي پاڪستان جي هڪ اهم ڪاميابي آهي. وفاقي وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به شهر جي ماسٽر پلان ۾ گرين ايريا ۽ رهائشي ايريا مختص هوندي آهي. ٻيلن جي واڍيءَ بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ٻيلن جي واڍيءَ جي روڪٿام جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن، ان حوالي سان نوٽيسز به جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ ذميوار عنصرن جي خلاف ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي وڃي ٿي. هن چيو ته ٻيلن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ سموريون صوبائي حڪومتون به وڻڪاري مهم تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي شديد ترين اثرن کان متاثر ٿي رهيا آهن جڏهن ته عالمي سطح تي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته حڪومت ٻيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ انشاءَالله وڻڪاري جي فروغ جي لاءِ پڻ وڌيڪ موثر قدم کنيا ويندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدو هن وقت پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم معاملو آهي ۽ هڪ اسٽريٽجڪ ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي پنهنجو موقف موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت هر عالمي فورم تي پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو جڏهن ته گرين فنانسنگ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن کي به آگاهه ڪيو ويو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي هر سال اربين ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿين ٿا جڏهن ته ان سان ٿيندڙ معاشي ۽ انساني نقصان به انتهائي سنگين هوندا آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران پهريون ڀيرو پاڪستان عالمي امداد جي اپيل نه ڪئي پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي فيصلو ڪيو ته متاثر ماڻهن جي بحالي، امداد، ٻيهر آبادڪاري ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جا سمورا قدم پنهنجي وسيلن سان کنيا ويندا. هن چيو ته اهو پاڪستان حڪومت جو هڪ ذميواراڻو فيصلو هو. هن چيو ته گرين فنانسنگ فنڊ جي حوالي سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان تعاون جي عزم جو اظهار ڪري چڪا آهن ۽ مختلف عالمي فورمز تي ان ڏس ۾ پنهنجي ڪمٽمنٽس ڏئي چڪا آهن تنهن هوندي به پاڪستان پنهنجي سگهه تي دارومدار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته معاشي صورتحال ۾ بهتري جي ڪري پاڪستان ان قابل ٿيو آهي ته هو ريليف ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جا قدم پنهنجي وسيلن سان سرانجام ڏئي سگهجي پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ قدرتي آفت پيش اچي ته پاڪستان تي به امداد فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.










