پاڪستان پنهنجي آبي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته گذريل هڪ مهيني دوران سنڌ طاس معاهدي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويو، پاڪستان جي معيشت، روزگار ۽ غذائي تحفظ جو بنيادي ڀاڙڻ پاڻي ۽ زراعت تي آهي، ان لاءِ ملڪ پنهنجي آبي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو، پاڪستان عالمي سطح تي به پنهنجي موقف …

اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته گذريل هڪ مهيني دوران سنڌ طاس معاهدي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويو، پاڪستان جي معيشت، روزگار ۽ غذائي تحفظ جو بنيادي ڀاڙڻ پاڻي ۽ زراعت تي آهي، ان لاءِ ملڪ پنهنجي آبي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو، پاڪستان عالمي سطح تي به پنهنجي موقف کي اثرائتي انداز ۾ اجاڳر ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ انڊس واٽر ٽريٽي، عالمي قانونن ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ واقع ملڪن جي آبي حقن جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن هتي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي 40 کان 50 سيڪڙو آبادي جي معيشت جو ذريعو زراعت آهي جڏهن ته قومي معيشت جو 20 کان 25 سيڪڙو حصو به زراعت سان واڳيل آهي. هن چيو ته هر گهر ۾ استعمال ٿيندڙ ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ ٻيون زرعي جنسون ملڪ جي 100 سيڪڙو غذائي تحفظ (فوڊ سيڪيورٽي) سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو روزگار، 20 کان 25 سيڪڙو معيشت ۽ 100 سيڪڙو فوڊ سيڪيورٽي جو ڀاڙڻ پاڻي ۽ زراعت تي آهي، ان لاءِ جيڪڏهن پاڪستان جي پاڻي تي ڪو هٿ وجهندو ته ان جو سڌي ريت اثر ملڪ جي معيشت، روزگار ۽ غذائي تحفظ تي پوندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڻي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو، جيڪو اسان جي پاڻي تي هٿ وجهندو ان جو هٿ ئي ڪَٽي ڇڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان صرف اهو اعلان ئي ناهي ڪري چڪو پر گذريل ڏيڍ سال دوران 2 ڀيرا عملي طور تي به اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته هو پنهنجي قومي مفادن جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته اسان جي فوج 2 ڀيرا شيهي جي ديوار بڻجي بيٺي ۽ واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي حقن جو هر قيمت تي دفاع ڪندو. هن چيو ته اهو معاملو صرف پاڪستان جو نه پر دنيا جي سمورن ملڪن جو آهي جيڪي درياهن جي هيٺانهين وارن حصن ۾ واقع آهن. هن سوال اٿاريو ته ڇا دنيا هاڻي اهو اصول تسليم ڪري ته مٿانهين وارن علائقن ۾ واقع ملڪ هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جو پاڻي روڪي سگهن ٿا ۽ انهن جي ٻارن کي اُڃيو رکي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ دنيا جي اربين ماڻهن جا بنيادي حق خطري ۾ پئجي ويندا. هن چيو ته تازو ئي برسلز ۾ ٿيل ملاقاتن ۽ ڪانفرنسن ۾ به پاڪستان اهو ئي موقف پيش ڪيو آهي ۽ ايندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ به اهو ڪيس دنيا آڏو رکيو ويندو. هن چيو ته دنيا کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو پوندو ته عالمي سطح تي انصاف ڪيو آهي ۽ ڇا هيٺانهين وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پاڻي جو بنيادي حق حاصل آهي يا نه. وفاقي وزير چيو ته دنيا جي اڪثر درياهن تي ڪنهن معهادي بدران عالمي اصولن ۽ روايتن موجب عمل ڪيو ويندو آهي. هن مثال ڏيندي چيو ته درياهه نيل ڪيترن ئي ملڪن مان گذري ٿو، يورپ ۾ به درياهه مختلف ملڪن مان گذرندا آهن. جيڪڏهن اسپين چاهي ها ته پرتگال جو پاڻي روڪي سگهيو ٿي پر دنيا اهڙن قدمن کي قبول نٿي ڪري. هن چيو ته وهندڙ پاڻي کي روڪڻ اهڙي طرح غير فطري آهي جهڙي طرح هوا يا خوشبو کي سرحدن تي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ. هن چيو ته ايندڙ ڪانفرنس بنيادي طور تي انصاف ۽ بنيادي حقن جي ڪانفرس هوندي، ان ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي بابت معاهدي (انڊس واٽر ٽريٽي) جي قانوني، فني ۽ عالمي ڪنوينشنز سميت سمورا رخ به پيش ڪيا ويندا جڏهن ته اصل سوال اهو هوندو ته ڇا دنيا جي ان چئن ارب ماڻهن جي پاڻي جي حق جو تحفظ ڪيو ويندو. جيڪي هيٺين علائقن ۾ رهندا آهن ۽ جن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست ڪنهن مخصوص معاهدي بدران عالمي اصولن تحت ٿيندي آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ دنيا ڪيترائي عالمي معاهدا ان لاءِ ڪيا هئا ته انصاف، امن ۽ بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي، پر اڄ انهن اصولن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جهڙي طرح دنيا نسل ڪشي کي قبول نٿي ڪري سگهي، اهڙي طرح پاڻي جهڙي بنيادي انساني حق کان به ڪنهن قوم کي محروم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان اهو ڪيس اڳ ئي عالمي سطح تي اٿاري چڪو آهي ۽ مختلف عالمي فورمز تي ان تي ڳالهيون به ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ان موقف جو اڃا تائين ڪو موثر نتيجو سامهون ناهي آيو. وفاقي وزير چيو ته اسان محرم الحرام جي مهيني ۾ ويٺا آهيون، جيڪو اسان کي حق ۽ باطل وچ ۾ ڄمي بيهڻ جو درس ڏئي ٿو. هن چيو ته حق لاءِ باطل جي سامهون بيهڻ ۽ ضرورت پوڻ تي قرباني ڏيڻ اسان جي 1400 سال پراڻي روايت آهي. ۽ اڄ به ان روايت تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي. هن ميڊيا نمائندن کي دعوت ڏيندي چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪن جتي انڊس واٽر ٽريٽي ، عالمي قانون، ڪنوينشنز ۽ پاڪستان جي موقف جي سمورن قانوني ۽ فني رخن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي ۽ سوالن جا جواب به فراهم ڪيا ويندا.