اسلام آباد - 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ ڪنهن به جمهوري ملڪ جو بنيادي ٿنڀ ۽ عوامي اميدن جي حقيقي ترجمان هوندي آهي، پارليامينٽ جي بالادستي جمهوري نظام جي استحڪام، آئيني بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي اعتماد جي ضامن آهي. هڪ فعال، شفاف ۽ موثر پارليامينٽ ئي عوامي مسئلن جي پائيدار حل ۽قومي ترقي جو بنياد فراهم ڪري ٿي. …
پارليامينٽ جمهوري ملڪ جو بنيادي ٿنڀ، عوامي اميدن جي حقيقي ترجمان هوندي آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ ڪنهن به جمهوري ملڪ جو بنيادي ٿنڀ ۽ عوامي اميدن جي حقيقي ترجمان هوندي آهي، پارليامينٽ جي بالادستي جمهوري نظام جي استحڪام، آئيني بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي اعتماد جي ضامن آهي. هڪ فعال، شفاف ۽ موثر پارليامينٽ ئي عوامي مسئلن جي پائيدار حل ۽قومي ترقي جو بنياد فراهم ڪري ٿي. هن انهن خيالن جو اظهار پارليامينٽيرين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 30 جون تي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي جمهوري قدرن، آئيني بالادستي، شفاف قانون سازي ۽ موثر احتساب کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي آئيني ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته قانون سازي جو مقصد رڳو قانون جي منظوري ناهي پر اهڙو جامع، موثر ۽ عوام دوست قانوني نظام جوڙڻ آهي جيڪو عوامي ڀلائي، سماجي انصاف، معاشي ترقي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏئي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽين جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق، ڊجيٽل نظام ۽ پارلياماني سگهه ۾ اضافي ذريعي قانون سازي جي معيار کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته عوام ۽ پارليامينٽ وچ ۾ موثر رابطا ۽ عوامي شموليت جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته بدلجندڙ وقت جي گهرجن سان هم آهنگ قانونسازي سان گڏ پارليامينٽ جي اها بنيادي ذميواري آهي ته اها انتظاميه جي موثر جواب طلبي کي ممڪن بڻائي ۽ پنهنجي لاڳاپيل چونڊ تڪن جي مضبوطي لاءِ گڏيل اختلافن کي وساري گڏيل تعاون، برداشت ۽ هاڪاري سياسي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته مضبوط پارليامينٽ ئي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي هڪ فعال ميمبر جي حيثيت سان عالمي سطح تي جمهوريت، انساني حقن، قانون جي حڪمراني، عورتن ۽ نوجوانن جي سياسي شموليت،پارلياماني سفارتڪاري ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قومي اسيمبلي بين الپارلياماني يونين ۽ ٻين عالمي پارلياماني فورمز سان گڏجي عالمي امن، بين الپارلياماني تعاون ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.











