لاهور- 29 جون(اي پي پي ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ (پي سي بي ) جي بورڊ آف گورنرز (بي او جي ) نئين مالي سال 27-2026 جي سرپلس بجيٽ، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي فنڊن ۾ هڪ ارب روپين جي اضافي ۽ ڊوميسٽڪ قومي رانديگرن جي معاوضي ۾ واڌ سميت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهي فيصلا پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ لاهور ۾ منعقد بورڊ …
پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز جي نئين مالي سال جي سرپلس بجيٽ، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي فنڊن ۾ هڪ ارب رپين جي واڌ، رانديگرن جي معاوضي ۾ اضافي سميت اهم فيصلن جي منظوري

مزید خبریں
لاهور- 29 جون(اي پي پي ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ (پي سي بي ) جي بورڊ آف گورنرز (بي او جي ) نئين مالي سال 27-2026 جي سرپلس بجيٽ، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي فنڊن ۾ هڪ ارب روپين جي اضافي ۽ ڊوميسٽڪ قومي رانديگرن جي معاوضي ۾ واڌ سميت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهي فيصلا پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ لاهور ۾ منعقد بورڊ آف گورنرز جي 84 هين اجلاس ۾ ڪيا ويا. جنهن ۾ پي ايس ايل 12 جي بجيٽ جي منظوري سان گڏو گڏ پاڪستان سپر ليگ کي انتظامي ۽ مالياتي طور تي مڪمل طور خودمختيار بڻائڻ جو به وڏو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان جي بجيٽ کي 3 ارب رپين مان وڌائي 4 ارب رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن تحت رانديگرن جي معاوضن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. نئين فيصلي موجب قومي ڪرڪٽ ٽيم جي رانديگرن جي ميچ فيس ۾ اضافي سان گڏو گڏ قائداعظم ٽرافي جي رانديگرن جي ميچ فيس 30 هزارن مان وڌائي هڪ لک روپيا ۽ رزرو رانديگرن جي ميچ فيس 15 هزارن مان وڌائي 50 هزار روپيا ڪري ڇڏي آهي. ان کانسواءِ اجلاس ۾ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فارميٽ ۽ ادائيگي جي طريقيڪار جي به توثيق ڪئي وئي آهي. ڪرڪٽ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري لاءِ بورڊ نيشنل بينڪ ڪرڪٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۽ ٻين منصوبن جي اپ گريڊيشن لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ رپين جا فنڊز رکيا آهن. سڄي ملڪ ۾ 12 اضافي ڪرڪيٽ گرائونڊز کي فعال ڪرڻ، اتي جي هيومن ريسورس لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻ ۽ ريجنل گرائونڊ اسٽاف جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 42 هزار مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ هائي پرفارمنس سينٽر لاهور رانديگرن جي سهولت لاءِ بايو ميلينس مشين لڳائڻ ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ لاءِ ويمنز ون ڊي ۽ ٽي – ٽوئنٽي ٽورنامينٽس ڪرائڻ سميت انهن جا فنڊز به رکيا وياآهن. اجلاس جي باقاعده ڪارروائي دوران بي او جي جي گذريل ميٽنگ جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي جنهن کانپوءِ چيف فنانشل آفيسر پي سي بي جاويد مرتضيٰ نئين سال جي بجيٽ جي انگن اکرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان اهم اجلاس ۾ بي او جي ميمبرن انوار غني، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.











