پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ 13 جولاءِ تي روانو ٿيندي: ترجمان پي سي بي

لاهور-29 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ 13 جولاءِ تي اسلام آباد مان روانو ٿيندي، جتي قومي ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم سان مقابلو ڪندي. پي سي بي جي ترجمان مطابق قومي ٽيم جو ريڊ بال اسڪواڊ 8 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ گڏ ٿيندو، جڏهن ته هيڊ ڪوچ سرفراز احمد جي نگراني ۾ ٽيم دوري جي تيارين جي شروعات …

لاهور-29 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ 13 جولاءِ تي اسلام آباد مان روانو ٿيندي، جتي قومي ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم سان مقابلو ڪندي. پي سي بي جي ترجمان مطابق قومي ٽيم جو ريڊ بال اسڪواڊ 8 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ گڏ ٿيندو، جڏهن ته هيڊ ڪوچ سرفراز احمد جي نگراني ۾ ٽيم دوري جي تيارين جي شروعات ڪندي. لاهور ۾ جاري ريڊ بال ٽريننگ ڪيمپ 2 جولاءِ تي ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد چونڊيل رانديگر اسلام آباد رپورٽ ڪندا. ترجمان مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي مسلسل ٽيسٽ دورن لاءِ 17 رڪني گڏيل اسڪواڊ جو اعلان ڪني ته جيئن ٻنهي سيريز لاءِ هڪ ئي ٽيم دستياب رهي. ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ 25 جولاءِ کان کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 2 آگسٽ تي شروع ٿيندي. ان کانپوءِ قومي ٽيم انگلينڊ لاءِ روانو ٿيندي.