وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ 14 سعودي شهرين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي اوڀر ساحلي علائقي راس تنوره ۾ پيش ايندڙ هيلي ڪاپٽر جي دُکائڪ حادثي ۾ 14 سعودي شهرين جي فوت ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي طرفان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن …

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي اوڀر ساحلي علائقي راس تنوره ۾ پيش ايندڙ هيلي ڪاپٽر جي دُکائڪ حادثي ۾ 14 سعودي شهرين جي فوت ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي طرفان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان، فوت ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڏُک جي هِن گهڙي ۾ پاڪستان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو.